دادو ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج، تحفظ جي گهر

دادو ( ڊ ر )  ٿرڙي محبت جو نوجوان ۽ ڪراچي جي ناري پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ دادو پريس ڪلب پهتا، نوجوان عبداللطيف جوڻيجو ۽ ناري رضوانه شاهه ميهڙ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو، ناري رضوانه چيو ته والد زبردستي ٻئي هنڌ شادي ڪرائڻ چاهي پيو مان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي مونکي پنهنجي مرضي جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته ان موقعي تي نوجوان عبداللطيف جوڻيجو دانهيو ته ٿرڙي محبت پوليس بنا جواز والد عبدالرشيد ۽ ڀاءِ آزاد جوڻيجو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ناري جي والد ڪراچي ۾ اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي ناري پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بنا جواز گرفتار ٿيل والد ۽ ڀاءِ کي آزاد ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.