سکر ۾يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جا امتحان شروع

سکر(بيورو رپورٽ) ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي انتظامن هيٺ فرسٽ ايئر ۽  انٽر ڪلاسن جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن، سکر تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ 11هين ۽ 12هين ڪلاس لاءِ 103 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ شاگردن لاءِ 43 ۽ شاگردياڻين لاءِ 27 سينٽر شامل آهن. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ گڏيل امتحان مرڪز 33 قائم ڪيا ويا آهن. 11هين ۽ 12هين جي ڪلاس ۾ مجموعي طور 62587 شاگرد ۽ 32994 شاگردياڻين حصو ورتو آهي. جڏهن ته امتحاني مرڪزن ۾  نقل کي روڪڻ لاءِ عورتن جي ٻن ٽيمن سميت 21 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪنديون.

  • ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج

ڏھرڪي (ت ر)ڏھرڪي ، لڳ ڳوٺ فيروزالدين جي رھواسين محمد قاسم محمد رياض   ۽ مسمات طاھره چيمه پروين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آھي ته اسان جي پنھنجي زمين جيڪا ڏھرڪي مڱريا پمپ سان گڏ آھي جيڪا زمين ته اسان ڏھرڪي جي سيٺ ٽيڪم داس کي وڪرو ڪئي ھئي، پر ان جڳھه تي موجود مسجد شريف موجود آھي جيڪا اسان وڪڻڻ جي بجاء ان وقت اسان انھي مسجد شريف جي خدمت لاء حافظ زين العابدين کي مقرر ڪيو ھيو ته اھو مسجد شريف ۾ ٻار به پڙھائي ۽ پيش امامت به ڪرائي پر ڪجھ وقت کان پوء اسان کي خيال آيو ته اسان مسجد شريف جي ٻيھر مرمت ڪرايون ھاڻي جڏھن اسان مسجد شريف جي مرمت ڪرائڻ لاء پھتا سون ته مقرر ڪيل مولوي  زين العابدين ڇڄڻ اسان کي مسجد شريف ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي اسان کي پنھنجي مسجد شريف کان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو آھي . انھن چيو ته اسان مسجد شريف تي قبضو نه پر  اسان مسجد شريف جي تعمير ڪرڻ آيا آھيون پر مذڪوره مولوي اسان کي مسجد شريف جي تعمير ڪرڻ کان روڪي اسان کي ڌمڪائي رھيو آھي ته مسجد شريف جي مالڪي تان ھٿ کڻو ٻي صورت ۾ مان توھان جي خلاف ڪوڙا ڪيس  داخل ڪرائيندس، ھنن چيو ته مولي زين بااثر ماڻھون آھي اسان کي ڏھرڪي جي بااثر ماڻھن جون ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي ھنن مطالبو ڪيو ته اسان مسجد شريف کي آباد ڪرڻ چاھيون ٿا پر مولوي زين العابدين مسجد شريف کي پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھي مسجد شريف کي اسان جي طرفان ڏنل سامان ۽ مسجد شريف جا وڻ به ڪٽرائي ڇڏيو اٿس، ھن بالا آفيسرن کي اپيل ڪئي آھي ته اسان کي مسجد شريف جي تعمير ۽ خدمت ڪرڻ ڏني وڃي ۽ مولوي زين العابدين خلاف ڪاروائي ڪري مسجد شريف جو قبضو ختم ڪرايو وڃي ته جيئن اسان مسجد شريف هي تعمير ڪري مسجد شريف کي آباد ڪري سگهون جڏھن ته ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل مولوي زين العاندين پنھنجو موقف ڏيندي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو آھي ته مسجد شريف آباد آھي، پر ڪجھ ماڻھون بليڪ ميل ڪري رھيا آھن.

  •  ڪشمور ۾ بااثر ۽ گڊو پوليس جي زيادتين  خلاف احتجاج

ڪشمور(ن ع آ)ڪشمور ۾ گڊو پوليس جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو  شهزادو لاشاري دلبر لاشاري احمد لاشاري غفور مزاري شمن لاشاري ارصلاح لاشاري ڏوايو مزاري ۽ ٻين گڊو ٿاڻي جي پوليس ۽ گنگا ماتا رائيس مل مالڪن خلاف دانھيندي چيو ته گذريل ڏينهن گنگا ماتا رائيس مل تان ٿيل ٽريڪٽر ۽ ٻيو سامان چوري الزام ۾ شق جي بنياد تي گڊو ٿاڻي جي پوليس اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.  ايس ايڇ او اقتدار جتوئي گرفتار ٿيلن جي کي آزاد ڪرڻ لاءِ 50 ھزار ھر ھڪ ماڻھو جا رشوت طور گھريا جنهن بعد ڪورٽ سڳوري معزز جج سول جج وٽ درخواست داخل ڪرائ جج جي حڪم بعد ناحق باندين کي آزاد ڪيو ويو آهي ھنن چيو اسين پورھيت آهيون گنگا ماتا رائيس مل تان ٿيل چوري ۾ ملوث ناهيون گذريل ڏينهن گنگا ماتا رائيس مل جي منشي بابو لعل مل تي گھرائي اسان جي ماڻهن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي پوليس بنا جواز ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھي ٿي متاثر ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ ڊي آئ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو ته گڊو پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي گرفتار ٿيل پورهيتن کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.