رتيديري ۾جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڌر جي عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

رتوديرو (رپورٽ : طفيل ساريو ) رتوديرو لڳ ڳوٺ ڀانڊو قبو جي رهواسي سومرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڌر پاران فائرنگ پڻ ڪئي وئي جڏهن ته متاثر ڌر پاران واقعي  خلاف پاڪ ڪتاب کڻي عورتن سميت نٽهڻ اس ۾ احتجاج ڪري انصاف جي اپيل ڪئي وئي آهي احتجاج ڪندڙ ڌر جي عيوض سومرو ، مائي گلزار خاتون ، نظيران خاتون ، نجمه خاتون ، مختيار ، قمر الدين ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته يوسي سيڪريٽري اقبال سومرو ، سڪندر ، انور عرف راڻو ، اڪبر ، نويد ، شوڪت ۽ شيراز پنهنجي ساٿين سان گڏ هٿيار کڻي اچي اسان جي گھرن تي ڪاه ڪري فائرنگ ڪئي جنهن سبب گھرن ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ۾ رڙيون پئجي ويون هنن چيو ته هڪ سال اڳ  به پنهنجي ڏاڍ تي هنن اسان مٿان فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ اسان جي هڪ ڇوڪري راحيلا گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي هئي اسان غريب ماڻهو آهيون جنهن ڪري خاموش رهيا سين پر ان بعد به هنن رتوديرو شهر جي جيڪب آباد ناڪي تي اسان جي دوڪان تي حملو ڪري ٽن ڄڻن عيوض ، وسيم ۽ علي شير کي زخمي ڪيو.  وري 22 ڏينهن اڳ هنن اسان جي ڇوڪري فوجي بلاول سومرو کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هي هر دفعي اسان سان ڏاڍ ڪندا آيا آهن مظاهرين جو چوڻ هيو ته رتوديرو ٿاڻي تي اهڙن واقعن جون ايف آءَ آرون به داخل ٿيل آهن پر پوليس به هنن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ رشوت وٺي وانگارو بڻجي وئي آهي جن ماڻهن مٿان ايف آءِ آرون داخل ٿيل آهن اهي پوليس سان گڏ ويٺا آهن پر پوليس انهن کي گرفتار ڪري انهن مٿان ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي اهڙو ظلم ۽ ناحق اسان سان ڪيو پيو وڃي اسان غريب ماڻهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي ڄاڻايل ماڻهن جي خوف سبب مرد گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن اهي ڪم ڪار سان به ٻاهر نه ٿا نڪري سگھن اسان جي مخالف ڌر وارن اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي هنن ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن مٿان قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.