جيڪب آباد مان قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد ڀرسان ھفتو اڳ دوداپور ٿاڻي جي حد سھڻو خان لھر لاڙي تي ڦر دوران ڦورن ھٿان گوليون هڻي بي دردي  سان قتل ڪيل حافظ نينگر عبدالطيف منجھو جو مک جوجوابدار منٺار پٽ ڍولو لھر کي جيڪب آباد جي سول لائين پوليس مقابلي بعد ھٿيارسميت زخمي حالت ۾ پڪڙڻ جي دعوي ڪڻي آھي جڏھن ته ساڳي ڪيس ۾ ٻه جوابدار  دوداپور پھريان پڪڙي چالان ڪري چڪو آھي جڏھن تہ ايس ايس پي جيڪب آباد ثمير نور چنو پنھنجن ٿاڻن جي حدن ۾ امن قائم نه ڪرڻ تي ٻن صوبيدارن دوداپور جي ايس ايڇ او عزيزقريشي ۽ ايس ايڇ او محمدپور اوڍو کي بدلي ڪري سندن جائن تي محمدپناه بروھي کي دوداپور۽ علي اڪبر ملڪ کي ايس ايڇ او تاجوديرو مقرر ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.