ڪوٽڙي ۾ پورھيتن جا مطالبا پورا نه ٿيا، انتظاميا چوٿون چڪر ڦري وئي ڌرڻو

ڪوٽڙي( رپورٽ : جبار ڪابورو ) ڪوٽڙي سائيٽ قائم عوامي ڪاٽن مل جي پورھيتن پاران پگھارن ۾ واڌ ۽ جبري برطرفي خلاف مل جي مک گيٽ اڳيان اڄ ڏهين ڏينھن تي بہ ڌرڻو حقن لاء نعري بازي پورھيتن خالق ـ  شھريار گوپانگ ـ عرفان ملاح ۽ ٻين چيو تہ گذريل ڏينھن مل انتظاميا اسان سان ڳالھيون ڪري مطالبا مڃڻ خاطري ڪرائي پر اڃ مل انتظاميا ڪيل ڳالھين تان ڦري وئي آھي ھتي ڪجھ ماڻهون اسان کي ڳالهين لاء وٺي وڃن ٿا اندر هڪڙيون ڳالهيون ڪري وري حساب ڪتاب دوران ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جيڪو ڊرمو بند ٿيڻ گهرجي هنن چيو تہ اڄ ڏهين ڏينھن تي بہ اسان جو ڌرڻو جاري آھي پورھيتن جيستائين مطالبا منظور نٿا ڪيا وڃن تيستائين احتجاج جاري رھندو جڏهن تہ احتجاجي ڪئمپ تي جسقم اڳواڻ ديدار شام، ايس يو پي اڳواڻ قاري وزير مجاهدي پ پ پ اڳواڻ نياز ڪابورو مختيار چنو من جوڻيجو ۽ ٻيا ڪئمپ تي پهتا سندن چوڻ آهي تہ پورهيتن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاء هڪڙي مافيا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي جنهن سبب معاملو حل نٿو ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.