ڪراچي واسين جي ٽنڊومستي ويجهو ڪارڪلٽي، عورت فوت

ٽنڊومستي (ن ع آ) ٽنڊومستي قومي شاهراهه تي ڪراچي واسي خاندان جي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾   55ساله هڪ عورت مسمات خالده ٿڏي تي فوت  ٿي وئي، جڏهن ته سندس گهر ڀاتي محمد رضوان، ڪامران، مسفره ، مبشره، عافيه ۽ نائلا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ٽنڊو مستي پوليس پهچي فوتي عورت جي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪرايو جتي زخمين جو  علاج جاري هيو ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار بڻيل ڪراچي واسي (مهاجر) سيد خاندان ڪراچي کان ڪوھ مري. ناران ڪاهان ۽ ٻين سياحتي ماڳن تي گهمڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اوچتو ٽنڊومستي قومي شاهراهه تي سندن جي ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن سبب عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا جن جو علاج هلندڙ آهي جڏهن ته فوتي عورت جو مڙهه سندس وارث ضروري ڪارروائي بعد ڪراچي کڻي روانا ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.