اڃايل ساحلي پٽيءَ جو لاش

تحرير: زاھد اسحاق سومرو

ھونئن به سنڌ جي سامونڊي پٽي جا ڀاڳ گذريل اٽڪل  25 سالن کان رٺل آهن ، دردن جي ھن ڏيھه ۾ خوشيون ۽ شاد مانا ته خواب بڻيل آهن پر پاڻيءَ جي کوٽ ساحلي پٽي واسين کان اھا زندگيءَ به کسي رهي آهي جيڪا روز مرڻ روز جئين باوجود به ٻه ڍڪ پئين لاءِ پاڻي کان ٻه جريب زمين ۾ چانور پوکڻ جا وڏا خواب ڏسي ٿي.

گل ملاح جو موت ۽ موت جو ڪارڻ به دردناڪ ڪھاڻي کي جنم ڏئي ويو آهي. جاتي جي ديھه ھڙ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نانگڻ ڍورو سم نالو ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو ، ھن ديهھ جا ٻئي حصا گونگڙي لارج شاخ ۽ رھڙو شاخ جا پوڇڙ سان لاڳاپيل آهن جن شاخن جي منڊ ۾ بااثر شخصيتن سميت گھڻن آبادگارن جا وڏا وڏا غير قانوني ڪٽ ۽ لفٽ مشينون شاخن جو سمورو پاڻي ڳڙڪائي ڇڏين ٿا  ۽ پوڇڙ ۾ پاڻي نالي ڪابه شي تقريبن 10 سالن کان ئي ڪانه آهي.

تازو ڪجهه مھينن کان جاتي جي ساحلي پٽي ۽ ڀرپاسي ۾ پاڻي جي کوٽ ايتري شدت اختيار ڪري وئي آهي جو تمام گھڻا ڳوٺ ، گام ۽ وستيون خالي ٿي ويون آهن ،  سنڌو جي چمڪندڙ مٽي سان راڳيل ڪچا رڳو خوبصورت ئي نظر اچن ٿا پر ويڙها ويران ٿي ويا آهن.، انھن گھر کي وڻن جي ڪنڊن وارين ٽارن سان چوطرف بند ڪري لوڪ لڏي ويو آهي ۽ باقي پاڙي لاءِ سور ڇڏي ويو جيڪي لطيف سائين جي ھن بيت جيان پنهنجي پڊن کي ڇڏڻ تيار ناهن.

منجھان منهنجي روح    جيڪر وڃي ساجن وسري ،

ته مر لڳي لوهه ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.

لطيف جيڪڏهن موجوده دور ۾ ھجي ھا سامونڊي پٽي جو ٻاٻيهو جو ذڪر ڪري ھا، جيڪو ڪالھه ٿر جي مٽي جھڙي خوشبوءَ سان واسيل سامونڊي پٽي واري پنھنجي گھر ڇڏڻ بدران دلو مٿي تي رکي پاڻي جي تلاش ڪندي ڪندي فوت ٿي ويو. ھي جاتي جي ڳوٺ حاجي رمون ملاح جو رھواسي 30 ورهين جو پورھيت گل ملاح ھو جيڪو ٻه سو روپين جي ڏھاڙي جي مزدوري لاءِ سورج مکي جي ٿريشر جي ڪم لاءِ پھتو جتي کيس پاڻي  تلاش ڪري آڻڻ جي ڪم سان موڪليو ويو ، گل ۽ سندس خاندان ته اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب اڃايل ھئا. ھن دلو کڻي پاڻي جي تلاش لاءِ نڪري پيو  ، اڃ ۽ بک جو ماريل گل پاڻي ڳوليندي ڳوليندي  سخت گرمي جي حالت ۾ اڃ وگهي ڪري بي ھوش ٿي ويو ۽ رات پئجي وئي ته سندس معصوم ٻارڙن کيس ڏسڻ لاءِ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون وارثن سج لٿي تائين گل جي واپس گهر نه موٽڻ ڪري ڳولا ڪئي ته ست ڪلاڪن جي ڳولا کانپوءِ سڃ ۾ زمين تي خالي پيل دلي ڀرسان اڃايل گل ملاح جو لاش هٿ آيو. جتي ڪيترائي ماڻهو گھر ڇڏي ڪراچي يا ڄامشورو ۽ سانگهڙ جي ڍنڍن يا ٻين ڌنڌن سان وڃي ڀيڙا ٿيا اتي گل ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري پنهنجو پڊ نه ڇڏيو ۽ ٻاٻيهو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. گل جي وارثن موجب اسان پاڻيءَ ڦڙِي ترسي پاڻيءَ جو انتظار ڪندا رھون ٿا ، ٻار توڙي وڏا پاڻيءَ لاءِ پڪارون ڪري ڪري سمهي ٿا رهن. سنڌ جو اقتدار ته پرڏيهي جو شربت پيئڻ کانپوءِ ائيرڪنڊينشر ڪمرن جي ٿڌ ۾ ڊگهي ننڊ ۾ پيل آهي، جيستائين وري کيس ووٽ وٺڻ جو وقت اچي پر سنڌي ماڻهو به ذھني طور ايترا ته معذور ٿي ويا آهن جو کين ميارون  ڏيڻ ۽ تڪليفن جون گهڙيون به وسري وڃن ٿيون.

اڳي بک وگهي ماڻهن جي مرڻ جون خبرون ٻڌبيون ھيون پر ھن علائقي ۾ اڃ سبب ھي شايد پهريون موت آهي ، ھي اڃايل ساحلي پٽي جو لاش آهي. ھي اڃايل سنڌ جو لاش آهي جيڪو پنهنجي ئي فنا ٿي ويل وجود کان سوال پڇي رهيو آهي ته ڇا اسان کي تاريخ جي انصاف جو به ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو. ڇا منهنجو اولاد به بي رحمن قوتن  ھٿان تڙپڻ چاھي ٿو ، ڇا اوهان منهنجي موت جو وڌيڪ  تماشو ڏسڻ چاهيو ٿا ته آئون توهان لاءِ تماشو ڀلي ھجان پر منهنجي اڃ جي انصاف جي گھرجائو ضرور رھندي، تاريخ جي  صفحن ۾ ھيءَ ڪھاڻي ڪڏهن به ڌانڌلي نه ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.