وفاق پاران ڏنل بجيٽ مان سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ کپن

مالي سال 23-2022ع ۾ صوبن کي مجموعي طور تي 40 کرب 99 ارب 77 ڪروڙ 30 لک رپيا اين ايف سي ايوارڊ تحت جاري ڪيا ويندا.

جنهن ۾ پنجاب صوبي کي 20 کرب 29 ارب 32 ڪروڙ 50 لک رپيا جاري ٿيندا. ختم ٿيندڙ مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ ۾ پنجاب صوبي کي 16 کرب 91 ارب 9 ڪروڙ 80 لک رپيا  ڏيڻ جي تجويز شامل ڪيل هئي،جڏهن ته سنڌ صوبي کي ايندڙ مالي سال 23-2022ع دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت 10 کرب 29 ارب 76 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏيڻ جي تجويز رکي وئي آهي، سنڌ کي ختم ٿيندڙ سال 22-2021ع جي بجيٽ ۾ 8 کرب 48 ارب 20 ڪروڙ 80 لک رپيا ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي هئي.

خيبرپختونخوا صوبي کي ايندڙ مالي سال 23-2022ع  دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت 6 کرب 70 ارب 45 ڪروڙ  رپيا ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ سيڪڙو رقم خيبرپختونخوا کي دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ به نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ به فراهمي شامل ڪئي وئي آهي، خيبرپختونخوا صوبي کي ختم ٿيندڙ مالي سال 22-2021ع دروان  5 کرب 59 ارب 25 ڪروڙ 70 لک رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته بلوچستان صوبي کي ايندڙ مالي سال 23-2022ع دوران 3 کرب 70 ارب 23 ڪروڙ 40 لک رپيا ڏيڻ  جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، بلوچستان کي ختم ٿيندڙ مالي سال 22-2021ع دوران 3 کرب 13 ارب 29 ڪروڙ 60 لک رپيا ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي هئي.جڏهن ته صوبن کي ايندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ خصوصي گرانٽن جي مد ۾ 82 ارب رپيا ڏيڻ جي تجويز رکي وئي آهي، صوبن کي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران خصوصي گرانٽن جي مد ۾ هڪ کرب 6 ارب 25 ڪروڙ رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي هئي،

جنهن مان واضح ٿي رهيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبن لاءِ خصوصي گرانٽ جي رقم ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران سنڌ صوبي کي خصوصي گرانٽ طور 22 ارب ۽ خيبر پختونخوا صوبي کي 60 ارب رپيا  مهيا ٿيندا. وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 800 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن کان اڳ صوبن خاص ڪري سنڌ کي اها شڪايت رهندي آئي آهي ته کين سندن حصي طور گهٽ رقم ملي ٿي، ان جي مقابلي ۾ هن ڀيري وفاق جو اهو فيصلو ڪافي ساراهڻ جوڳو آهي.

وفاق پاران بجيٽ ۾ صوبن جي لاءِ مناسب رکيل رقم کانپوءِ هاڻي صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ عوام جي زندگيءِ جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ رٿابندي ڪن ۽ انهن تي عمل ڪن ته ڪجهه تبديلي اچي  سگهي ٿي.

سنڌ سرڪار به پنهنجي بجيٽ جي تيارين ۾ آهي، هن وقت سنڌ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي.ويجهڙائي ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل کوٽ سموري صوبي جي زرعي معيشيت تي انتهائي منفي اثر وڌو آهي، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، صوبي جي اندر موجود وڏن روڊن جي حالت گهربل معيار موجب نه آهي،پيئڻ جي صاف پاڻي توڻي صحت ۽ تعليم جهڙا مسئلا وقت گذرڻ سان گڏ گهٽجڻ بجاءِ وڌيا آهن،ان سان گڏ عام ماڻهو جي زندگيءَ پڻ گهڻي دٻاءَ جو شڪار آهي.

موجود سرڪار پيپلزپارٽي جي ٽين حڪومت آهي ان کانسواءِ سنڌ ۾ هن وقت تائين ٻي ڪا به پارٽي اهڙي مقبوليت نٿي رکي ، هن وقت وفاق ۾ گڏيل حڪومت ۾ پڻ پيپلزپارٽي اهم اتحادي آهي،تنهنڪري پيپلزپارٽي جي اها ذميداري به ٿئي ٿي ته اها عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ رٿابندي ڪري  ۽ عملي قدم کڻي تي جيئن ان سان سنڌ جو عام ماڻهون مسئلن مان ڪجهه آجو ٿي سگهي.

هن کان اڳ اهو تاثر هوندو هو ته وفاق صوبي سان ٽڪراءُ واري ڪيفيت ۾ رهندو هو  جنهن جو سبب پڻ سياسي هم آهنگي نه هئڻ هو پر نتيجي ۾ سنڌ کي اها شڪايت رهندي آئي ته سندن ڪيس ٻڌو نٿو وڃي پر هن وقت تي موجوده سيٽ اپ ۾ سنڌ جي صوبائي سرڪار ڪافي بهتر پوزيشن ۾ آهي، جنهن ڪري سنڌ جو ماڻهو اها اميد رکي ٿو ته سنڌ ۾ ترقياتي پروگرامن کي سٺي اڳڀرائي سان اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن سنڌ جو مجموعي طور تي جائزو وٺجي ته امن امان جي صورتحال به گهڻي بهتر نه آهي، ننڍا ڏوهه ته گهڻو وڌي رهيا آهن، تعليم جي حالت پڻ ابتر آهي، وڏا تعيلمي ادارا عالم جي بجاءِ فقط ڪلارڪ پيدا ڪري رهيا آهن، صحت جي حوالي سان به وڏن شهرن کي ڇڏي ڪري باقي ضلعي هيڊ ڪوارٽرجي سطح جي اسپتالن ۾ پڻ عوام جي لاءِ گهربل سهولتون نه هئڻ برابر آهن اهو درست آهي ته ان جي بهتري لاءِ رقم گهربل هوندي آهي، هاڻي جڏهن ناڻي جي پوزيشن ڪنهن هد تائين بهتر ٿيڻ جي توقع آهي ته پوءِ سرڪار کي به انهن مسئلن جي حل لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن،جيئن عوام ۽ حڪومت وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي گهٽجي سگهي ۽ عام ماڻهو جا مسئلا حل ٿين.ان سان ئي هڪ بهتر معاشري جي تعمير ٿي سگهي ٿي. جيڪو سنڌ جي ماڻهو جو هڪ خواب آهي.

سنڌ هڪ اهڙو صوبو آهي جيڪو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مسئلن کي ڀوڳي ٿو، جنهن ڪري اتي جي ٿيندڙ ترقيءِ به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هڪ وڏي عرصي کان امن امان جي بهتري لاءِ طلب ڪيل رينجرز تي پڻ خاص بجيٽ صرف ٿئي ٿي ڇا، اهو بهتر نه هوندو ته صوبي جي پوليس جي آهستي آهستي صلاحيت وڌائي ڪري ان فورس تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ کي بچائي سگهجي.

صوبي جي ڏورانهن علائقن جو ماڻهو ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي جنهن  ۾ سنڌ جو ڪوهستان، ٿر ،ڪاچو ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، ڇا سرڪار هن ڀير ي انهن ماڻهن  جي لاءِ پاڻي ،صحت ۽ تعليم جهڙن اهم ۽ بنيادي مسئلن جي لاءِ ڪنهن عمل جوڳي پروگرام جو  اعلان ڪندي جنهن سان اتي جو عوام به هن جديد دور ۾ پڻ  انهن سهولتن مان فيض حاصل ڪري سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.