روس يوڪرين جنگ ڊگهي ٿي سگهي ٿي

روس جي يوڪرين تي ڪاهه کي هڪ سئو ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن پر تاحال جنگ جو ڪو نتيجو نه نڪتو آهي، ڪنهن به طرف کان ڪا بهتري واري ڳالهه سامهون نه اچي پئي، اهڙي صورتحال ۾ سمورا ماهر اهو ئي ويچاري رهيا آهن ته امڪاني طور تي ڇا ٿي سگهي ٿو. ان بابت ڪجهه خيال هي آهن:

هلندڙ  جنگ ۾ ڪنهن به وقت ڪنهن جو به پاسو زور ٿي سگهي ٿو،ڇا هيءَ جنگ ڊگهي ٿي سگهي ٿي.هن جنگ ۾ وڏيون طاقتون شامل آهي، جنهن ڪري اهو سمجهيو پيو وڃي ته هي جنگ سالن تائين نه ته به مهينن تائين جاري رهندي.جنگ ۾ توازن بدلجندو رهندو آهي، ڪڏهن هڪ پاسو زور هوندو ته ڪڏهن وري ٻيو پاسو زور هوندو.پر ڪابه ڌر پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي.روس جي صدر جو خيال آهي ته هو صبر جو مظاهرو ڪندو ته ان سان  يورپي ملڪن کي يوڪرين جي حمايت کان هٽائي سگهي ٿو،جنهن بعد يورپ  جو ڌيان اقتصادي بحران ۽ چين طرفان امڪاني خطري ڏانهن ٿڙي سگهي  ٿو.

هڪ خيال اهو به آهي ته  روسي صدر پوتن هڪ طرفي جنگ بندي جو اعلان ڪري دنيا کي حيران ڪري سگهي ٿو، جنهن بابت اندازو لڳايو پيو وڃي ته شايد  روس  يوڪرين جي قبضي ڪيل علائقن کي پنهنجو قرار ڏئي ڪري ڪنهن به وقت جنگ جي خاتمي جو اعلان ڪري پنهنجي فتح به قرار ڏئي سگهي ٿو.پر  يورپ اهو قبول نه ڪندو.يورپ چاهي ٿو ته روس کي مڪمل شڪست اچي. جيئن ان جي اڳواڻي پوزيشن نه رهي.آمريڪا، برطانيا ۽ اوڀر يورپ جا اڪثر پاليسي ساز ان خواهش جو اظهار ڪن ٿا ته دنيا جي امن ۽ يوڪرين جي خاطر  روس  کي ناڪام ٿيڻ گهرجي..

جيڪڏهن يوڪرين ۽ روس ٻئي ان نتيجي تي پهچن ٿا ته هو جنگ ذريعي وڌيڪ ڪجهه حاصل نه ٿا ڪري سگهن ۽ سياسي ٺاهه لاءِ ڳالهيون شروع ڪن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟هنن جي سگهه ختم ٿي وئي آهي، سندن افرادي قوت ۽ هٿيار ختم ٿي ويا آهن.وڌيڪ جنگ سان وڌيڪ انسان مرندا ۽ طاقت زيان ٿيندي.

روس هاڻي پنهنجو فوجي ۽ معاشي نقصان برداشت نٿو ڪري سگهي. يوڪرين جا ماڻهو به جنگ کان بيزار آهن ۽ مڪمل فتح لاءِ وڌيڪ جانيون خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار ناهن.آمريڪي صدر جو بائيڊن تسليم ڪيو آهي ته آمريڪا جو مقصد آهي

يوڪرين تي مضبوط پوزيشن ۾ ڳالهين جي ميز تي آڻڻ آهي.يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي تازو ڊچ ٽي وي کي ٻڌايو ته يوڪرين ضرور جنگ کٽي سگهي ٿو.

جيڪڏهن روس  ڊونباس تي قبضو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پيو ۽ معاشي پابنديون روس جي فوجي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهن ٿيون ۽ يوڪرين ڊگھي مفاصلي تي مار ڪندڙ راڪيٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ روسي فوجن تي جوابي حملا شروع ڪري سگهي ٿو ۽ روسي فوجن کان ڦرجي ويل علائقا کسي سگهي ٿو.

جنهن سان روسي فوجن کي سامان جي فراهمي ۾ رنڊڪ پوي.اولهه جي  عملدارن جو خيال  آهي ته روس رڪاوٽن جي باوجود، اڃا تائين ڪيف تي قبضو ڪرڻ ۽ يوڪرين جي وڏي حصي تي قبضو ڪرڻ جي خواهش تي عمل ڪري رهيو آهي.روس ڊونباس ۾ پنهنجي ڪاميابي جو فائدو وٺي پنهنجي فوجن کي ٻيهر ڪيف تي ڪاهه ڪري  سگهي ٿو.

روس  جي عددي سرسي يوڪرين تي گهڻو وزن رکي ٿي، صدر زيلنسڪي اڳ ۾ ئي تسليم ڪيو آهي ته هر روز 100 فوجي مارجن پيا  ۽ 500 زخمي ٿين پيا.يوڪرين جو عوام به ورهايل آهي، ڪجهه وڙهڻ چاهين ٿا ته ٻيا امن چاهين ٿا. اهڙي طرح ڪجهه اولهه جا ملڪ شايد يوڪرين جي حمايت ڪندي ٿڪجي پيا آهن، پر اهڙا به آهن، جن کي جيڪڏهن لڳي ٿو ته روس کٽي رهيو آهي، ته هو جنگ کي وڌائڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.