ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ باوجود مناسب بجيٽ

تحرير: محمد خان سيال

گذريل جمعي ڏھين جون تي، وفاقي سرڪار سالياني بجيٽ، ملڪ جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ڪارڻ ڏکين حالتن ھئڻ باوجود پيش ڪئي. ھونئن به بجيٽ جون ٻه اھم پر ڏکيون حالتون ھونديون آھن. ھڪ ته ملڪ جي صورتحال اڳ ئي خراب ٿيل ھوندي آھي ته انھيءَ ڪري وڏي مھانگائيءَ واري بجيٽ پيش ڪرڻي پوندي آھي ۽ ٻي اھم ڳالھه  ته  ملڪ جي عام حالتن ۾ به اھو وفاقي سرڪار تي ڇڏيل ھوندو آھي ته ھو ملڪ جي ڀلائيءَ کي ڏسي مناسب مھانگائيءَ باوجود مناسب بجيٽ پيش ڪري ته جيئن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ مناسب رقم گڏ ڪري ۽ خرڇ ڪري سگهجي.

ھاڻي ملڪ جي اقتصادي حالتن تي ڳُوڙھي ويچار سان سوچڻو پوندو. انھيءَ ۾ شڪ ڪونھي ته ٻاويھه ڪروڙ عوام جي مھانگائيءَ ڪارڻ، عام  ماڻھن جي ڏکيائيءَ ۾ زوردار واڌ اڳ ئي آيل آھي جيڪا مجموعي طور ڳڻتي جوڳي صورتحال آھي. اسان جي مکيه نيت اھا ھوندي آھي ته ملڪ جي ڀلائيءَ سان گڏوگڏ عوام جي انفرادي ڀلائيءَ کي به اھميت ڏجي يعني اسان عوام کي ترقي ڪندي ڏسون ته بھتر. ھونئن به ڪڏھن ڪڏھن حالتون ايترو ته بدلجي وينديون آھن جو حالتون سڌرڻ بدران وڌيڪ ڏکيون ۽ بڇڙيون ٿي وينديون آھن جو عوام جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن عام ماڻھن جي حياتين ۾، سڄي زندگين دوران ذاتي طور تڪليفون به اينديون رھنديون آھن ته ڪڏھن وري صورتحال، سڌارو آڻيندي آھي. اھو بدلجندڙ صورتحال جو ئي نتيجو ھوندو آھي. ھونئن به عام حياتيءَ ۾ ڏکيا توڙي بھتر ڏينھن ايندا ئي رھندا آھن جنھن ڪري حڪومت کي ڏکين حالتن کي ڏسي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ  بجيٽ وغيرھ جا مناسب فيصلا ڪرڻا ئي پوندا آھن.

بھرحال، جيئن ته اڳ ئي پيدا ٿيل ڏکين حالتن ۾  مھانگائيءَ وڌيڪ آھي سو  سولي سنڌيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته عام ماڻھن جو جيئڻ اڳ ئي جنجال بڻجي ويو آھي. بھرحال، اچو ته نئين بجيٽ تي، گهٽ اسپيس ھئڻ ڪري مختصر جائزو وٺون.اھا خوشخبري آھي ته سرڪاري ملازمن ۽ ريٽائرڊ ملازمن جون پگهارون وڌايون ويون آھن جيڪا سٺي ڳالھه  آھي. صورتحال تي وڌيڪ بحث ڪرڻ کان اڳ اسان کي وفاق جي انھيءَ فيصلي تي ڳالھائڻو پوندو.

ميڊيا موجب 95 کرب 2 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آھي. وفاقي سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي آھي جڏھن ته وفاقي ملازمن جي پينشن ۾ به ڪل 15 سيڪڙو واڌ ٿيل آھي. اھا سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته پينشن ۾ ھاڻوڪي يعني نئين وفاقي سرڪار تازو  10 سيڪڙو واڌ اڳ ئي ڪئي (جنھن جو اعلان، 14 اپريل ڌاري ڪيو پر پھرين اپريل کان لاڳو ڪئي وئي) ۽ ھاڻي پنج سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آھي. يعني ڪل پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي آھي. انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته حڪومت ڪي فيصلي مھينو ڏيڍ اڳ به ڪندي  رھندي آھي جنھن جي اھميت کان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي.

مون سنڌيءَ ۽ اردو ميڊيا ڏسي ٻنھي جو، پينشن جي حوالي سان خاص طور جائزو ورتو ته اردو ميڊيا، پينشن وڌائڻ تي تنقيد ناھي ڪئي پر الٽو انھيءَ جي واکاڻ ڪئي آھي ته تازو ڏھ سيڪڙو پينشن وڌائي وئي ۽ ھاڻي پنج سيڪڙو وڌائي ڪل 15 سيڪڙو ڪئي وئي آھي جڏھن ته ملازمن جي پگهارن ۾ به 15 سيڪڙو واڌ ٿيل آھي  پر اسان وٽ سنڌي فيسبوڪ ۾ ھڪ پراڻي شخص پوسٽنگ ڪئي ته پينشن ۾ رڳو 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آھي جڏھن ته تازو ٿيل ڏھ سيڪڙو واڌ جو ھن حوالو ڪونه ڏنو جنھن ڪري سنڌي فيس بوڪ تي ماڻھن اجائي زوردار تنقيد ڪئي ته رڳو 5 سيڪڙو پينشن وڌائي وئي آھي. اھا سچائي آھي اسان وٽ پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواھ سڏائيندڙ ٽولو، غلط فھميون پيدا ڪري رڳو نفرت جو ڪاروبار جاري رکندو آھي سا افسوس جي ڳالھه  آھي.

بھرحال، اھا ڳالھه  نوٽ ڪرڻ جي آھي ته وفاقي سرڪار جي ملازمن جي پگهار ۾ واڌ سان قومي ناڻي تي 71 ارب59 ڪروڙ رپين جو بار پوندو جڏھن ته وفاقي وزارت پگهارن ۾ واڌ ۽ ايڊھاڪ الائونس به بنيادي پگهارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. وزيراعظم جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آھي.

وفاقي بجيٽ جو وڌيڪ حوالو ڏينداسون ته وفاقي بجيٽ  95 کرب   2   ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي آھي. ترقياتي پروگرام لاءِ 800 ارب رپيا، بچاءُ لاءِ 1523 ارب، پينشن جي مد ۾ 530 ارب، ايڇ اي سي لاءِ 65 ارب رپيا خاص طور رکيا ويا آھن. بينظير پروگرام لاءِ رقم 250 ارب رپين کان وڌائي 364 ارب رپيا رکي وئي آھي. جڏھن ته بجيٽ دستاويز ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته ماھوار ھڪ لک رپين جي پگهارن تي انڪم ٽيڪس ڪونه ھوندو ۽ پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس، ٻيھر وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

وزيراعظم شھباز شريف جي بجيٽ (2022 ـ 239 بابت بيان جو به جائزو وٺڻو آھي. سندس چواڻي بجيٽ پاڪستان  جي اقتصادي ڀلائي  ۽ ترقيءَ لاءِ بھتر قدم آھي. ٽئيٽر تي بيان ۾ سندس چواڻي مکيه اقتصادي حالتن ۾ بھتر بجيٽ، اتحادي سرڪار جي نيڪ نيتيءَ  ۽ قابليت جي نشاني آھي. سندس چواڻي  بجيٽ ۾ مالي طور طاقتور صاحبن وارن کان ڪاميابي ورتي وئي آھي جڏھن ته ڪمزور طبقي کي سھوليتون ڏنيون ويون آھن.زرعي مشينري، اوزارن وغيره  کي ٽيڪسن کان رعايت ڏئي، گرين انقلاب برپا ڪيو ويو آھي ۽ فصلن جي پيداوار وڌائي وئي آھي.

انھيءَ کان علاوھ، بجيٽ بابت اھا به ھڪ مناسب خبر ڏني وئي آھي ته بينظير تعليمي وظيفن جو دائرو، ھڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.9  ارب رپين جي خرڇ سان 10 ھزار شاگردن کي بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ ڏنيون وينديون. يوٿ ايمپلائيٽ پاليسيءَ ھيٺ 20 لکن کان وڌيڪ نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڏنا ويندا. ناڻيَ وزير مفتاح اسماعيل چواڻي ھائر ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 104 ارب رپيا خاص طور رکيا ويا آھن. سندس چواڻي گرين يوٿ موومينٽ شروع ڪنداسون، قسطن ۽ ميرٽ تي مفت ۾ ليپ ٽاچ ڏنا ويندا.

بجيٽ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ فيدرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم  احمد جو به حوالو ڏيڻو پوندو. سندس چواڻي: بجيٽ جي عام ماڻھن  ۽ پگهارون حاصل ڪندڙ طبقي کي رليف مھيا ڪيو ويو آھي. سندس چواڻي: مڪاني ٽيڪسز 52 سيڪڙو آھن، 48 سيڪڙو ٽيڪس آمدني، پرڏيھه کان ايندڙ واپار تي ٽيڪسن سان ٿيندي، بجيٽ ۾ 355 ارب روپيا اضافي ٽيڪسيز لڳايا ويا آھن جڏھن ته وڌيڪ آمدنيءَ وارن تي ٽيڪس لڳايا ويا آھن. سندس اھو به چوڻ آھي ته ”نان فائلرز“ وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويا آھن. ريئل اسٽيٽ ۽ فارم ھائوسز تي به ٽيڪس وڌايا ويا آھن.

ھتي اھا سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته ملڪ ۾ ”سليڪٽيڊ“ وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ آيو ته ھن پنھنجي چئن ورھين جي وزيراعظم طور اقتدار ۾ لاڳيتي ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي ۽ ٻيو ته ٺھيو پر ھن انٽرنيشنل مانيٽرنگ فند (آءِ ايم ايف) سان  ٺاھ ڪري ڳاٽي ٽوڙ مھانگي آندي جڏھن ته ھن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ چيو ھو ته مان آءِ ايم ايف سان ٺاھ ڪندس ته آبگهات ڪندس پر ھن اقتدار ۾ اچي سخت شرطن تي ٺاھ ڪيو جنھن جي وڊيو وائرل آھي. آءِ ايم ايف کان ڳاٽي ٽوڙ قرض وٺي، ان سان ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندل آھي. جيئن ته ڪا به حڪومت آءِ ايم ايف سان ٺاھ رد ڪونه ٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان کيس مکيه سمورا پيسا ڀرڻا پوندا جيڪي وٽن بلڪل ڪونھن تنھنڪري عمران اقتدار ۾ نه ھجي پر سندس آءِ ايم ايف سان ٺاھ ڪري ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جاري رھندي. اھا خبر شايع ٿي آھي ته شاھ محمود قريشيءَ (اڳوڻو پرڏيھي وزير)، عمران خان (اڳوڻو وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو سربراھ) کي پاڳل قرار ڏئي ڇڏيو آھي. شاھ محمود قريشيءَ جون راڻا ثناءِالله (وفاقي وزير) سان ڳالھه يون ٿيون / حوالو: عوامي آواز. انھيءَ مان ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان عوام جو خيرخواھ بلڪل ڪونه ھو نه ئي آھي.

بھرحال، اسان جو اھو تبصرو آھي ته اڳوڻي عمران سرڪار جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جي برقرار شرطن باوجود، ظاھري طور ڏکيون حالتون برقرار آھن پر ھاڻوڪي وفاقي سرڪار ڪنھن حد تائين مناسب بجيٽ پيش ڪئي آھي. اسان کي، ھاڻوڪين حالتن کي ڏسي سچائي مڃڻي پوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.