ڪراچي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو گھر ڊاهڻ خلاف احتجاج

ڪراچي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران گھر ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

گاڏاپ ٽائون، عمر بروهي، هولي ميري سوڌو ٻين ڳوٺن جي رهواسين زاهد فاروق، شبير شفقت ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري، نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سال 2009 ۾ ايم ڊي اي گاڏاپ ٽائون، عمر بروهي ۽ هولي ميري ڳوٺ ۾ گھر انسٽالمينٽ تي ڏنا هئا، جيڪي هاڻ ڊاهي بي گھر ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ايم ڊي اي پاران هاڻ انڪروچمينٽ عملي جي ڀلي ڀڳت سندن گھرن واريون زمينون بلڊر مافيا کي الاٽ ڪيون پيون وڃن، جنهن سان هزارين ڪٽنب متاثر ٿي رهيا آهن.

راهواسين سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بي گھر ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.