اسمارٽ فون وڪرو ڪرڻ کان اڳ ٽي ڳالهيون ذهن ۾ رکو

اسمارٽ فون هڪ اهم ڊيوائيس بڻجي ويو آهي، تصويرن ۽ وڊيوز کان ويندي بينڪنگ تائين سڀ ڪجهه اسمارٽ فون ۾ محفوظ آهي.

انهي ڪري جيڪڏهن توهان جو فون ڪنهن ٻئي ماڻهو جي هٿ لڳي وڃي ٿو ته توهان جي ذاتي ڄاڻ جو غلط استعمال ٿي سگھي ٿو.

اسان اڪثر فون وڪرو ڪندا رهندا آهيون ۽ جيڪڏهن توهان کي ايڪسچينج آفر جو فائدو ملي ٿو ته توهان پراڻي فون جي ادائيگي ڪري نئون هينڊ سيٽ خريد ڪريو ٿا.

جيڪڏهن توهان پنهنجو پراڻو اسمارٽ فون وڪرو ڪري رهيا آهيو ته توهان کي فون ۾ موجود ڊيٽا جو بيڪ اپ ڪرڻو پوندو نه ته توهان کي نقصان پهچي سگھي ٿو.

اچو ته ڄاڻيون اسمارٽ فون وڪڻڻ کان پهريان ڇا ڪرڻ گھرجي

فون کي وڪرو ڪرڻ کان اڳ ان جو بيڪ اپ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اينڊرائيڊ ڊيوائس جو بيڪ اپ ڪرڻ سولو آهي.

توهان فون کي ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪري بيڪ اپ ڪري سگھو ٿا.

بيڪ اپ لاءِ توهان کي سيٽنگز ۾ وڃڻو پوندو، ان کانپوءِ توهان کي بيڪ اپ ۽ ري سيٽ آپشن نظر ايندو. پوءِ”بيڪ اپ“ آپشن تي ڪلڪ ڪريو.

فون هاڻي سسٽم سان جڙي ويندو، انهي طرح توهان فون ڊيٽا جو بيڪ اپ ڪري سگھو ٿا.

ذاتي ڊيٽا کي ڊاهڻ نه وساريو

پنهنجي فون کي ٻين حوالي ڪرڻ کان اڳ ذاتي ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ يقيني بڻايو، فون کي فارميٽ ڪرڻ لاءِ سيٽنگز ۾ وڃو هيٺ توهان کي ري سيٽ ۽ بيڪ اپ جو آپشن نظر ايندو، ان کانپوءِ”اريز ڊيٽا ۽ فائلز“ آپشن تي ڪلڪ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر تصديق ڪريو.

تصدق کانپوءِ توهان جي فون ۾ موجود سموري ڊيٽا ڊهي ويندي.

فون وڪرو ڪرڻ کان اڳ واٽس ايپ بيڪ اپ ڪرڻ نه وساريو

واٽس ايپ بيڪ اپ حاصل ڪرڻ جو عمل به سولو آهي، ائين ڪرڻ لاءِ پهريون سيٽنگز ۾ وڃو. هتي توهان کي چيٽ جو آپشن نظر ايندو، پوءِ بيڪ اپ آپشن تي ڪلڪ ڪريو جنهن کانپوءِ واٽس ايپ بيڪ اپ مڪمل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.