عامر لياقت جي ملڪيت جو اصل وارث ڪير؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي کانپوءِ پوليس طرفان سندس گهر سيل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس گهر يا ملڪيت جو ڪو دعويدار هيل تائين سامهون نه آيو آهي.

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جو گهر سيل رهندو.

سندن چوڻ آهي ته ڪرائيم سين جي فارنزڪ رپورٽ جو انتظار آهي، فائنل رپورٽ اچڻ کانپوءِ گهر کوليو ويندو.

اختيارين موجب اسان وٽ هيل تائين ڪو دعويدار ناهي آيو، گهر عامر لياقت جي اصل وارثن حوالي ڪنداسين.

پوليس جو چوڻ هو ته نادرا مان ڊيٽا حاصل ڪئي آهي ۽ هيلت ائين اصل وارثن ۾ سندس پٽ احمد ۽ ڌيءُ دعا سامهون آيا آهن.

نادرا رڪارڊ ۾ پهرين زال بشريٰ ۽ ٻي زال طوبيٰ جو طلاق نامو رڪارڊ تي آهي جڏهن ته ٽئين زال دانيا جو طلاق نامو رجسٽرڊ ناهي.

دانيا بهاولپور جي عدالت ۾ خلع جي درخواست ڏني هئي، خلع جي ڊگري ۽ طلاق فائنل ٿيڻ کانپوءِ رڪارڊ اپ ڊيٽ ٿيندو، طلاق فائنل نه ٿيڻ تي دانيا به وارث جو دعويٰ ڪري سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.