مٽياري: نافرمان پٽ معمولي ڳالهه تان فائرنگ ڪري پيءُ ۽ سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ هڪ زخمي

هالا ويجھو نافرمان پٽ معمولي ڳالهه تان فائرنگ ڪري پيءُ ۽ سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

سالارو ٿاڻي جي حد ۾ پاڻي جي مشين جي آواز تان نافرمان پٽ جو پيءُ ۽ سئوٽ سان جھيڙو ٿي پيو.

جوابدار مير حسن جکراڻي پسٽل جي فائرنگ ڪري پنهنجي پيءُ حبيب الله ۽ سئوٽ شهمير کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو بابل جکراڻي زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو، جتان لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا.

ھالا ويجھو سالارو ٿاڻي جي حد ۾ پاڻيءَ جي مشين جي آواز اچڻ تان جھيڙو ٿي پيو فائرنگ ڪري پٽ پنهنجي پيءُ ۽ سوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جلد قانون جي پڪڙ ۾ هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.