ڪوٽڙي ۾ رولو ڪتي نينگر کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

ڪوٽڙي ۾ رولو ڪتي نينگر کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.

سائيٽ واري علائقي ۾ واقع سچل سرمست ڪالوني ۾ رولو ڪتي نينگر ذيشان ميمڻ کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.

نينگر کي بلاول ميڊيڪل اسپتال نيو ويو، جتي طبي امداد کانپوءِ گھر روانو ويو.

ٻئي پاسي سچل سرمست واسين دانهيندي چيو آهي ته پاڙي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري معصوم ٻارڙن ۾ خوف پکڙيل آهي.

رهواسين ميونسپل انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته رولو ڪتن جي آزار جو نوٽيس وٺي ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.