بجيٽ ۾ شامل ڳجها ٽيڪس ۽ ماهرن جا رايا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماهرن جو چوڻ آهي ته هن بجيٽ ۾ جيڪو طبقو سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيو ۽ جنهن تي سڀ کان وڌيڪ بار پوڻ وارو آهي اهو ملڪ جو وچولو طبقو آهي، ٽيڪسن جي مد ۾ ٿيندڙ واڌ ۽ تيل ۽ گيس تي ليوي جي مد ۾ گهڻو ڪري اوڳاڙين سان مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي ۽ وچولي طبقي کي بار کڻڻو پوندو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن بجيٽ ۾ ڪجهه اهڙا ٽيڪس ۽ ليويز شامل آهن جن بجيٽ تقرير ۾ ذڪر نه هو پر فنانس بل ۾ اهي شامل آهن ۽ انهن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي ۽ انهن جو سڀ کان وڏو نشانو وچولو طبقو هوندو.

وفاقي بجيٽ ۾ حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ريٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پيسن ۾ پنج سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.

معاشي معاملن جي ماهر شهروز لوڌي چيو ته پگهار کڻندڙ طبقي لاءِ هن بجيٽ ۾ هڪ رليف ته ٽيڪس سليب ۾ تبديلي ۽ 6 لک جي سالياني آمدني تي ٽيڪس ڇوٽ سان 6 لک کان 12 لک تائين آمدني تي رڳو سئو رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي سهوليت آهي جنهن جو مطلب آهي ته هن طبقي کيبه ٽيڪس ڇوٽ حاصل هوندي.

معيشت ۽ سماجيات وارن معاملن جي ماهر ڊاڪٽر عاليا هاشمي چوي ٿي ته هن بجيٽ ۾ هونئن ته وچولي طبقي لاءِ ڪو خاص رليف ناهي سوا ان جي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي  آهي ان سان گڏ پگهار کڻندڙ طبقي کي به ٽيڪس سليبز ۽ ٽيڪس جي حد ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي.

ان رليف کانسواءِ وچولي طبقي لاءِ بجيٽ ۾ ڪو خاص رليف ناهي ڏنو ويو لڳي ٿو ته ايندڙ مهينن ۾ حڪومت جي بجيٽ جي ڪري وچولو طبقو ڏکيائين ۾ پوڻ وارو آهي.

حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ ۾ مختلف شعبن ۾ جيڪي نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن انهن ۾ سڀ کان وڏي واڌ تيل اگهن تي ليوي جي مد ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 750 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف آهي.

تيل جي معاملن واري ماهر زاهر مير موجب ان جو مطلب آهي ته ايندڙ مالي سال جي شروع ۾ هڪ ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيهه رپيا واهپيدار کان اوڳاڙڻا پوندا.

گيس ڊيولپمينٽ سرچارج  جي مد ۾ 25 ارب گڏ ڪرڻ جو نظرثاني هدف آهي ۽ حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ ان مد ۾ ٻه سئو ارب جو هدف مقرر ڪيو آهي جيڪو گيس جي بلن ۾ اوڳاڙيو ويندو.

اهڙي ريت حڪومت ايل پي جي تي ليوي جو موجوده هدف پنج ارب مان وڌائي اٺ ارب ڪري ڇڏيو آهي جيڪو واهپيدارن کان اوڳاڙيو ويندو.

حڪومت طرفان هن سال اوڳاڙين جو هدف ست هزار ارب رکيو ويو آهي جنهن ۾ ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن جي مد ۾ ساڍا چار هزار ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا جنهن ۾ سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائز ڊيوٽي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي شامل آهي جيڪو واهپيدارن کي شين جي وڪري ۽ ملڪ ۾  درآمدات تي لڳايو ويندو.

شهروز لوڌي موجب انهن ٽيڪسن جو مطلب آهي ته واهپيدارن کي هاڻي وڌيڪ پيسا ڏيڻا پوندا ۽ وچولو طبقو ان جو سڀ کان وڏو شڪار هوندو.

هن چيو ته هجڻ ته ائين گهرجي ته حڪومت ڊائريڪٽ ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي ۽ ان ذريعي وڌيڪ  ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف پورو ڪري ته ان سان ان ڊائريڪٽ طريقي سان گڏ ٿيندڙ ٽيڪس گهٽجندو ۽ وچولي طبقي تي اثر گهٽ پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.