ماڊل ٽائون سانحو: انصاف لاءِ ٻيهر احتجاج جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ 17 جون تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

مجلس شوريٰ جي پڌرائي موجب ورهين کان ٻڌڻي هيٺ اپيلن جو فائدو ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن کي پهچي رهيو آهي، ان لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان انصاف ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.

ان حوالي سان شوريٰ ۾ جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور چيو ته سانحي جا مظلوم پڇي رهيا آهن ته ماڊل ٽائون جي قاتلن کي ڪير بچائڻ چاهي ٿو؟ ڪارڪن 17 جون تي لاهور سوڌو ٻين ضلعن ۾ پرامن احتجاج ڪندا.

پڌرائي موجب هڪ جوابدار جي درخواست تي جي آءِ ٽي معطل ٿي ۽ ٽن ورهين کان اسٽي آرڊر هلي رهيو آهي، انصاف لاءِ عدالتن ڏانهن نهاري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.