”عمران خان جي معائني لاءِ نفسياتي ماهرن جو بورڊ جوڙيو وڃي“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت جي ترجمان عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران نيازي جي ذهني حالت جي معائني لاءِ دنيا جي بهترين نفسياتي ماهرن تي ٻڌل بورڊ جوڙيو وڃي.

اسپيشل ڪورٽ سينٽرل لاهور ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءَ الله تارڙ چيو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته عمرا خان ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ذريعي احسن جميل گجر کي 32 ڪروڙ رپين جي ايمنسٽي ڏني.

پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو  ته پي ٽي آءِ حڪومت ترڪ ڪمپينن جا ٺيڪا رد ڪيا، جنهن ڪري پاڪ- ترڪ دوستي کي نقصان ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته عمران نيازي ۽ بوزدار جيڪي ٺيڪا، مقرريون ۽ بدليون ڪيون، ان ذريعي هيرا ۽ اربين رُپيا گڏ ڪيا ويا، سندن ساڍن ٽن ورهين جي ڦرلٽ جي سزا عوام ڀوڳو رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.