گستاخاڻو بيان: جماعت اسلامي طرفان ڀارتي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڻ سڳورن صلعم جي شان ۾ گستاخي تي حڪومت کي ڀارتي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ گهرجي.

لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته الله سان ملائڻ جو اڪيلو ذريعو پاڻ سڳورا صلعم آهن، ايمان جي گهرج آهي ته نبي ڪريم سان محبت ڪئي وڃي.

هن چيو ته سڄي دنيا ۾ نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ گستاخي ڪئي وئي، 57 ملڪن ۾ ان معاملي تي احتجاج ڪيو ويو پر ڪنهن ملڪ ڀارت جي سفير کي ملڪ مان ناهي ڪڍيو.

جماعت اسلامي جي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ڏينهن اسان اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو جنهن ۾ حڪومت طرفان رنڊڪون وڌيون ويون، اهو قدم هڪ مسلمانن جي حڪمران کي نٿو سونهين.

ڀارت اسان جو دشمن آهي آهي، ان نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ گستاخي ڪري اسان جي ايمان کي للڪاريو آهي مسلمان حڪمران بغرت ٿي سگهن ٿا پر عوام اهڙو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.