افغانستان بابت سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ڪيا وڃن: پيپلزپارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت اتفاق راءِ لاءِ اتحادين سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زررداري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي مستقبل بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اتحادين سان رابطن جو فيصلو ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي جي هن هائبرڊ اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پارٽي اجلاس ۾ اڳواڻن جي راءِ هئي ته سمورا فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن.

اجلاس ۾ دهشتگردي، افغانستان ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي بابت اڳڀرائي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ملڪ بابت سمورا فيصلا پارليامينٽ کي آن بورڊ آڻي ڪرڻ گهرجن، پي پي مستقبل جي حڪمت عملي طئه ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ چاهي ٿي.

اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي مستقبل بابت اتفاق راءِ لاءِ اتحادين سان رابطا ڪندي.

اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، فريال ٽالپور، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزيرن، خورشيد شاهه، شيري رحمان، نيئر بخاري، نجم الدين خان، فيصل ڪريم ڪنڊي، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.