بوليويا ۾ بغاوت تي آرمي چيف سميت عورت صدر کي 10 سال قيد

سڪري (ويب ڊيسڪ) بوليويا جي عدالت 2019 جي سياسي بحران جو فائدو کڻندي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر جينين اينز سميت ان وقت جي هٿياربند فون جي اڳوڻي ڪمانڊر وليمز ڪليمن ۽ پوليس چيف کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

عالمي خابرو اداري موجب بوليويا جي عدالت 54 ورهين جي اڳوڻي صدر جينين اينز، اڳوڻي فوجي ڪمانڊر وليمز ڪليمن ۽ اڳوڻي پوليس ڪمانڊر ولاديمير ڪالڊيرون کي آئين خلاف فيصلا ڪرڻ ۽ فرض ۾ غفلت ڪرڻ جي الزام ۾ ڏوهي قرار ڏيندي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت بغاوت ۾ ملوث چئن فوجي سربراهن کي به سزائون ٻڌايون جڏهن ته اهي گهٽ سزائون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.