”اسان جا هٿ عامر لياقت جي رت سان رڱيل آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا اشنا شاهه عامر لياقت حسين جي اوچتي لاڏاڻي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

اداڪارا عامر لياقت جي لاڏاڻي تي ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪندي لکيو ته هن اسان کي تفريح جو سامان ڏنو جنهن کي اسان ڏٺو ۽ کلياسين، مون کي اميد آهي ته هو هاڻي سڪون ۾ هوندو.

هن لکيو ته الله پاڪ اسان کي اسان جي کلڻ تيمعاف ڪري.

گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اداڪارا سخت لفظ استعمال ڪندي لکيو ته کيس هڪ عورت عوامي طور تي سامهون آندو (وڊيو وائرل ڪئي) جنهن سان هن قانوني طور تي شادي ڪئي وئي.

هن لکيو ته جنهن به سندس وڊيوز شيئر ڪيون، انهن تي کليا، انهن وڊيوز کي ڏٺو، انهن سڀني هٿان عامر لياقت جو خون ٿيو آهي، اسان جي هٿن تي عامر لياقت جو رت لڳل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.