بابراعظم ڪرڪيٽ قانونن کان اڻ ڄاڻ، ويسٽ انڊيز کي پنج رنز ڏياري ڇڏيائين !

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم اڻڄاڻائي ۾ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم کي پنج رنز ڏئي ڇڏيون.

گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ ويسٽ انديز وچ ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي ڪرڪيٽ قانونن کان اڻ ڄاڻائي سبب ويسٽ انڊيز ٽيم کي پنج پنالٽي رنز ملي ويون.

ويسٽ انڊيز جي الزاري جوزف جي شات تي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان پنهنجو هڪ گلو (دستانو) لاهي فيلڊ لاءِ ڊوڙيو ۽ بال پڪڙي ٿرو ڪيو پر ان ئي دوران بابراعظم رضوان جو گلو پهري ورتو ۽ بال کي پڪڙيو جنهن سبب مهمان ٽيم کي پنج واڌو رنز ڏنيون ويون.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ويسٽ انڊيز کي ٻي ون ڊي ۾ 120 رنز جي مارجن تان هارائي سيريز ۾ ٻه هڪ جي سرسي ماڻي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.