ٽرين ريپ ڪيس: جوابدارن طرفان اجتمائي لڄالٽ جي ويڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )بهاالدين زڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان مبينا لڄالٽ واري ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدارن اجتمائي لڄالٽ جي ويڊيو پڻ ٺاهي هئي.

ڪراچي جي جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ زڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان مبينا لڄالٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پوليس گرفتار 5 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن متاثر عورت جي گينگ ريپ جي ويڊيو پڻ ٺاهي هئي، جوابدارن وٽان موبائيل فونز ۽ ويڊيو برآمد ڪرڻيون آهن، جڏهن ته جوابدارن جا يونيفارم پڻ گهربل آهن.

عدالت گرفتار 5 جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، ٽرين عملي جي گرفتار جوابدارن ۾ محمد زاهد، عاقب منير، ذوهيب، عامر رضا ۽ عبدالحفيظ شامل آهن.

ياد رهي ته پوليس جوابدارن کي 28 مئي تي ملتان کان ڪراچي ايندڙ عورت سان اجتمائي لڄالٽ ڪئي، جوابدارن خلاف سٽي ريلوي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، متاثر عورت عدالت ۾ ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.