دنيا ۾ پهريون ڀيرو مشيني جگر انسان ۾ لڳايو ويو !

برن (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ پهريون ڀيرو مشين جي مدد سان تيار ڪيل جگر کي انسان ۾ ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو ۽ هڪ سال کانپوءِ به ڄاڻايل شخص ۾ ڪنهن قسم جي ڪا شڪايت سامهون ناهي آئي.

تحقيق موجب يورپي ملڪ سوئٽزرلينڊ جي ماهرن هڪ مريض جي جگر جو اهو ٽڪرو ڪڍيو جيڪو صحتمند هو ۽ ان کي پروفيوزن مشين ۾ وڌو ويو جتي ان کي واڌ ويجهه ڪئي وئي ۽ پوءِ ان کي ساڳئي مريض ۾ ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو جنهن کان جگر جو ٽڪرو ورتو ويو هو.

اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون مختلف ٽرانسپلانٽ آهي جنهن ذريعي جگر جي واڌ ويجهه يا پيوندڪاري خالص طور تي هڪ مشين ۾ ڪئي وئي ۽ پوءِ ان ئي جگر جي ٽڪري کي مريض ۾ لڳايو ويو ۽ هڪ سال کانپوءِ مريض جون ٽيسٽيون ڪيون ويون جن ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڳڙ ٻڙ نوٽ ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.