دال چانور ڏيڻ تي پي آءِ اي مسافر مڇرجي پيا !

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي اسلام آباد کان جدي ويندڙ اڏام تي مسافرن کي کائڻ لاءِ دال، چانور ۽ ڀاڄي ڏني وئي.

ذريعن موجب جدي ويندڙ اڏام تي کاڌي ۾ دال، چانور ۽ ڀاڄي ڏيڻ ۽ گوشت نه ملڻ تي مسافر ڪاوڙجي پيا.

گوشت ۽ چڪن کانسواءِ دال ۽ ڀاڄي ڏيڻ تان مسافرن احتجاج ڪندي ڪمنٽ ڪارڊز ۾ به شڪايت داخل ڪرائي.

ٻئي پاسي پي آءِ اي ترجمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي پيسا نه ڏيڻ تي ٺيڪيدار ڪڪڙيون سپلاءِ نه ڪيون هيون.

پي آءِ اي جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته هاڻي سمورين اڏامن تي کاڌو معمول ۽ مينيو موجب ڏنو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.