ڀارتي نيوز چينل تي پاڪستاني جهنڊو ۽ نعت هلي پئي!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هن وقت هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڀارتي نيوز چينل تي بريڪنگ نيوز ڏئي پئي وئي ته اوچتو اسڪرين تي پاڪستان جو جهنڊو ظاهر ٿي پيو ۽ پوءِ نعت شريف هلي پئي.

سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستاني هيڪرز ڀارتي نيوز چينل هيڪ ڪيو ۽ نعت هلائي.

پاڪستان ۾ به ٽوئٽر تي ”ٽيم ريووليشن پي ڪي“ ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بي جي پي ترجمان نوپور شرما هڪ ٽي وي چينل تي گستخاڻو بيان ڏنو هو.

ان بعد نوپور شرما کي 5 جون تي توهين جوڳن ريمارڪس تي معطل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.