ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي اڳواڻن طرفان گستاخاڻي بيانن خلاف ڀارت جي مختلف شهرن ۾ پرتشد مظاهرا ڪيا پيا وڃن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جهارکنڊ رياست جي شهر رانچي ۾ پرتشدد مظاهرن دوران پوليس طارفان مظاهرين تي فائرنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي، مظاهرن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
ڀارتي شهر الهه آباد ۾ به گستاخاڻي بيانن خلاف مظاهرن کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جنهن بعد شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
نئين دهلي جي جامع مسجد ٻاهران گستاخاڻي بيانن خلاف گذريل ڏينهن ٿيل مظاهري ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.