پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي سيشن ڪورٽ لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ  جي اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 18 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ايڊيشنل سيشن جج صائمه قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 18 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته پوليس لانگ مارچ دوران بدترين تشدد ڪيو، پوليس ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪيو آهي عدالت کي استدعا آهي ته ضمانت منظور ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.