پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  پ پ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، گڙدن ۾ ڪينسر سبب آمريڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن دم ڏنو.

خانداني ذريعن موجب سڪندر منڌرو جو مڙهه ٽن ڏينهن بعد پاڪستان آندو ويندو.

78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل سڪندر مينڌري جو تعلق ضلعي بدين سان هو، سڪندر مينڌرو ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو ساٿي ۽ پيپلز پارٽي جو باني ڪارڪن پڻ هو.

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پڻ سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پ پ چيئرمين مرحوم جي پونيئرن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر سڪندر مينڌري جي لاڌاڻي سان پارٽي هڪ سچي جيالي ۽ اهل پارليامنٽرين کان محروم ٿي وئي آهي، الله مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر عطا فرمائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.