اسلام آباد (م ڊ) مالي سال 23-2022 لاءِ وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 65 ارب رپيا رکيا آهن. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 65 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ به هڪ يونيورسٽي ٺاهي ويندي، نيشنل يوٿ ڪميشن قائم ڪئي ويندي.