اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن جو ڪاٿو 95 کرب 2 ارب رپيا آهي پر هن بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۽ پينشن ۾ واڌ جو ذڪر نه آهي.جڏهن گڏيل حڪومت قائم ٿي ۽ 11 اپريل تي شهباز شريف وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ پهريون خطاب ڪيو ته هن فوري طور تي قوم کي رليف ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ررپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،ان کان علاوه شهباز شريف رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ به 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هو.ڪالهه پيش ٿيل بجيٽ ۾ انهن ٻن اهم ڳالهين جو ذڪر نه ڪيو ويو.حڪومت اپريل ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 25 هزار رپيا ڪري چڪي آهي.