نان فائلرز جي ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال تي 2 سيڪڙو ٽيڪس

اسلام آباد (م ڊ) ڪريدٽ ڪارڊ ذريعي ادائيگين تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو جڏهن ته نان فائلرز کي ڪريدٽ ڪارڊ استعمال  ڪرڻ تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻو پوندو. بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس جا سليبس گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انڪم ٽيڪس سليبس 12 بدران 7 ٿي سگهن ٿا، ساليانو 10 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس وڌايو ويندو. بجيٽ ۾ آن لائن ۽ سوشل ميڊيا مان آمدني تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي آهي.انڪم ٽيڪس ۾ ڏنل مراعتون گهٽائڻ ۽ انٽرنيشنل سفر لاءِ بزنس ڪلاس تي 4 ڀيرا وڌيڪ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. مهيني ۾ 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ ۽ سال ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڊالر خريد ڪرڻ تي پابندي جي تجويز ڏني وئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.