موبائل فونن وڌيڪ مهانگا، 16 هزار رپين تائين ليوي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي بجيٽ ۾ درآمدي موبائل فونن جي درآمد تي 100 رپين کان 16 هزار رپين تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ 30 ڊالرن جي موبائل فون تي 100 رپيا ليوي لاڳو  ڪرڻ تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته 30 ڊالرن کان 100 ڊالر ماليت جي موبائل فونز تي 2 سئو رپيا ليوي لاڳوڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙي ريت 2 سئو ڊالرن جي درآمدي موبائل فون تي 6 سئو رپيا ليوي، جڏهن ته 350 ڊالر ماليت جي موبائل فونز تي 18 سئو رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 5 سئو ڊالرن جي موبائل فون تي 4 هزار ليوي، 7 سئو ڊالر ماليت جي موبائل فون تي 8 هزار رپيا، ان کان وڌيڪ ڊالر ماليت جي موبائل فون تي 16 هزارن تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.