گوادر جي گهريلو صارفين کي 10 ڏينهن ۾ سولر پينلز ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد : (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان ويهنداسين، گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل شروع ڪيو وڃي، منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي پنهنجي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائين تي اڳڀرائي جي جائزي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، ايف ڊبليو او جو ڊي جي ميجر جنرل ڪمال اظفر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيواڻي، گوادر، پسني، اورماڙا، پنجگور ۽ ايران جي وچ ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائيز جي تعمير تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن لائينز جي حوالي سان ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن کي جاري ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن اندر گوادر کي ايران کان وڌيڪ سئو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري سگهندي، ان سان بجلي جي مجموعي فراهمي 260 ميگاواٽ جڏهن ته کپت 236 ميگاواٽ هوندي، وڌيڪ اهو ته خضدار، پنجگور ٽرانسميشن لائيز جي ڊسمبر 2022ع ۾ پڄاڻي کانپوءِ 90 ميگاواٽ جو سسٽم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ان منصوبي تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، ان کانسواءِ حب، اورماڙا ٽرانسميشن لائيز جي فزيبلٽي تياري جي مرحلن ۾ آهي، ان ٽرانسميشن لائين جي پڄاڻي کانپوءِ وڌيڪ 200 ميگاواٽ سسٽم کي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.