دفاعي بجيٽ ۾ 153 ارب ، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ، پيٽرول تي سيلز ٽئڪس، سولر پينل ۽ دوائون سستيون

اسلام آباد( م ڊ)  نئين مالي سال جي9 هزار 502 ارب رُپيا  رپين جي بجيٽ پيش،  دفاع ۾  153 ارب ، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ، مجموعي خرچن جو ڪاٿو 9502 ارب لڳايو ويو. راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪئي، مالي سال 23-2022 لاءِ ترقياتي منصوبن تي 550 ارب رپيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب رپيا رکيا ويندا، جڏهن ته 40 هزار کان گهٽ آمدني وارن خاندان کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا. هڪ ڪروڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بجيٽ تقرير دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزير موجب بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رُپيا  لڳايو ويو، جِن مان 3 هزار 950 ارب رُپيا ڊيٽ سروسنگ تي خرچ ٿيندا، ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جي روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رُپيا لڳايو ويو، جنهن مان صوبن کي 41 هزار ارب رُپيا ڏنا ويندا. بجيٽ ۾ مجموعي خرچن جو ڪاٿو 9502 ارب، قرضن جي واپسي لاءِ 3144 ارب ،پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 800 ارب رپيا، دفاع لاءِ 1523 ارب رپيا مختص ڪي ويا. تعليمي بجيٽ ۾ 109 ارب رپيا رکيا. سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب ۽ پينشن لاءِ 530 ارب رپيا رکيا ويا. سبسڊيز لاءِ 699 ارب رپيا مختص ڪيا ويا. گرانٽس لاءِ 1242 ارب رپيا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب رپيا رکيا ويا. هڪ ڪروڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ملندي.هڪ لک پگهار تي ٽيڪس نه اوڳاڙيو ويندو. چاليهه هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙن کي ماهوار 2 هزار ملندا.سولر پينل جي درآمد تي ٻڙي سيلز ٽيڪس لڳندو. موسمياتي تبديلي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا. مفتاح اسماعيل چيو ته دفاع لاءِ 1523 ۽ سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، پينشن جي مد ۾ 530 ارب ۽ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي مد ۾ 699 ارب رُپيا رکيا ويا. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 800 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم وڌائي 136 ارب رُپيا ڪئي وئي. ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ 355 ارب 38 ڪروڙ ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي بجيٽ 585 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، بلوچستان جي 148 ارب 53 ڪروڙ ۽ ڪي پي لاءِ 300 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.بجيٽ ۾بجلي جي شعبي لاءِ 73 ارب رُپيا رکيا ويا، ديا مير ڀاشا، مهمند، داسو ۽ گاج ڊئم منصوبن لاءِ 100 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، وڏين شاهراهن ۽ بندرگاهن لاءِ 200 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي آهي، ترقياتي بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي جي اسڪيمز لاءِ 121 ارب مخصوص ڪيا ويا آهن.ناڻي واري وزير نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 250 مان وڌائي 364 ارب رُپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.بينظير تعليمي وظيفو پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌائي 35 ارب رُپيا رکيا ويا، بينظير انڊر گريجوئيٽ پروگرام تحت وڌيڪ 10 هزار شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ 9 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ٻارن جي واڌ ويجهه بابت بينظير پروگرام جو دائرو سمورن ضلعن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پروگرام لاءِ 21.5 ارب رُپيا رکيا ويا.مالي سال 23-2022 جي وفاقي بجيٽ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 65 ارب رُپين جي بجيٽ مخصوص ڪيا ويا آهن، هيڪ جي ترقياتي اسڪيمز لاءِ 44 ارب رُپيا ڌار رکيا ويا.هيڪ جي بجيٽ ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن لاءِ 50 هزار وظيفا به شامل آهن، حڪومت طرفان نيشنل يوٿ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي..ناڻي جي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته نوجوان روزگار پاليسي تحت روزگار جا 20 لک کان وڌيڪ موقعا ملندا، نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ وياج بنا 5 لک رُپين تائين قرض ڏنو ويندو.مفتاح اسماعيل موجب اسڪيم ۾ آسان شرطن تي اڍائي ڪروڙ رُپين تائين قرض به شامل هوندو، قرض اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص، سموري ملڪ ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا ويندا.حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون کي فوري بجلي ۽ گئس مهيا ڪري فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته چيني سرڪار سان طئه ٿيو آهي ته سي پيڪ جي روٽس تي 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهيا ويندا، اُتي چين سوڌو ٻين ملڪن جي سيڙپڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ لاءِ سهولت مهيا ڪئي ويندي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ فلمز ۽ ڊرامن سوڌو فنونِ لطيفه کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساليانو هڪ ارب رُپين جي لاڳت سان بائينڊنگ فلم فنانس فنڊز قائم ڪرڻ ۽ فنڪارن لاءِ ميڊيڪل انشورنس پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.فلم ڊسٽري بيوٽرز ۽ پروڊيوسرز تي لاڳو 8 سيڪڙو وِد هولڊنگ ٽئڪس ختم ڪئي وئي آهي، فلم توڙي ڊرامن لاءِ مشينري ۽ اوزارن جي امپورٽ تي 5 سالن لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي نه وٺڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي..ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگي تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو، نان فائلرز کي ڪريڊٽ ڪارڊ جي استعمال تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس سليبس گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، انڪم ٽيڪس سليبس 12 بدران 7 ٿي سگهي ٿو، ساليانه 10 لک کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس وڌي ويندو. بجيٽ ۾ آن لائين ۽ سوشل ميڊيا تي انڪم ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، انڪم ٽيڪس ڏنل مراعات گهٽ ڪرڻ ۽ انٽرنيشنل سفر لاءِ بزنس ڪلاس تي 4 ڀيرا ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.بجيٽ ۾ هر مهيني 10 هزار کان وڌيڪ ۽ سال ۾ هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ جي خريداري تي پابندي جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ هن وقت مالي بحران جو شڪار آهي، جنهن سبب سرڪاري ملازم ڏکيائين جو شڪار آهن، حڪومت کي سرڪاري ملازمن جي پريشانين جو احساس آهي، تنهن ڪري سندن پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي. وفاقي بجيٽ ۾ پينشن جي مد ۾ 530 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ عوام جي سهولت لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي مد ۾ 699 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن . وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينل ۽ دوائون سستيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.بجيٽ اجلاس دوران خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جي شديد کوٽ ۽ بجلي گهرن جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي اگهن ۾ واڌ سبب ٿرمل بجلي مهانگي ٿي، جنهن صورتحال ۾ ماحول دوست توانائي ٺاهڻ بهترين رستو آهي انڪري سولر پينلز جي درآمد ۽ مقامي سپلائي تي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 2 سئو کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي سولر پينلز جي خريداري لاءِ بئنڪن مان قسطن تي قرض ڏياريو ويندو، جنهن سان ماحول دوست طريقي سان بجلي ملڻ ممڪن آهي جڏهن ته ٻاهران ايندڙ مهانگي تيل ۽ گيس جي استعمال ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته فارماسيوٽيڪل سيڪٽر لاءِ 30 وڌيڪ ايڪٽو فارماسيوٽيڪل انگريڊنسٽس کي دوائن لاءِ گهربل شين تي ڪسٽم ڊيوٽي کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته فرسٽ ايڊ ۽ بينڊيج ٺاهڻ واري صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ خام تيل تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي ته جيئن ان جي پيدوار ۽ لاڳت وڌيڪ گهٽ ٿي سگهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.