ڌاٻيجي، رشڪئي ۽ لاهور ۾ خاص اقتصادي زونز کي بجلي ۽ گئس فراهمي جي هدايت

اسلام آباد   (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه رشڪئي ۽ پنجاب ۾ لاهور ۾ خصوصي اقتصادي زونز کي فوري بجلي ۽ گئس جي فراهمي ڪري پهرين فرصت ۾ هلائڻ جي هدايت  ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته اڳوڻي حڪومت هڪ به نئون اقتصادي زون قائم نه ڪيو، 2018ع تائين سي پيڪ تحت انفراسٽرڪچر جو گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ان کي معيشت لاءِ ڪتب آڻڻ ضروري آهي. چين جي حڪومت سان اهو طئي ٿيو هو ته سي پيڪ جي روٽ تي 9 خصوصي اقتصادي زونز ٺاهيا ويندا جنهن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي سيڙپڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، تنهن هوندي به گذريل حڪومت ان ڪم جي رفتار ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون پيدا ڪيون ۽ اڃا تائين هڪ به خصوصي اقتصادي زون فعال ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه رشڪئي ۽ پنجاب ۾ لاهور ۾ خصوصي اقتصادي زونز کي فوري بجلي ۽ گئس جي فراهمي ڪري پهرين فرصت ۾ هلايو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.