پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جي حد 12 لک رپيا مقرر

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي بجيٽ ۾ پگهادار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جي حد 12 لک رپيا مقرر ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح  اسماعيل ايندڙ مالي سال 23-2022 جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي. هن چيو ته ملڪ ۾ پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ معاشي مسئلن ۾ ورتل آهي، ان باوجود ان ئي طبقي تي ٽيڪس جو واڌو بار وڌو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت پگهاردار طبقي جي معاشي پريشانين جي ازالي لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ جي موجوده حد لک رپين مان وڌائي 12 لک ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان سان پگهادار طبقي کي فائدو ٿيندو، جنهن سان هڪ هاڪاري معاشي سائيڪل پيدا ٿيندو ۽ اها رقم ڪاروبار ۾ واڌ جو سبب بڻجندي.مفتاح اسماعيل چيو ته مهانگائي کي ڏسندي افرادي ڪاروبار ۽ اي او پيز لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي بنيادي حد 4 لک مان وڌائي 6 لک ڪرڻ جي تجويز آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.