اسلام آباد : (م ڊ) وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي سان ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر هيڊ ناجي بينهسين ملاقات ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي ۽ ناجي بينهسين جي وچ ۾ ملاقات ۾ عوامي ڀلائي جي مختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ورلڊ بئنڪ حڪومت پاڪستان جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ويسٽ مينيجمينٽ جي نظام ۾ بهتري جي منصوبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، سلمان صوفي عورتن لاءِ محفوظ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ويسٽ مينيجمينٽ ۾ ورلڊ بئنڪ جي تعاون ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي.
-
دهشتگردن جي مالي مدد،متحده لنڊن جي وڌيڪ 3 ڪارڪنن جي ضمانت رد
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀارتي ايجنسي را جي ڳجهي معلومات ڏيڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي وڌيڪ 3 ڪارڪنن آصف صديقي، منور علي ۽ ظفر عرف ٽينشن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽبوت جي روشني ۾ جوابدارن ضمانت جي قابل نه آهن، ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي وئي.