عامر لياقت جي درگاهه عبدالله شاهه غازي جي احاطي ۾تدفين

ڪراچي (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت جو  مڙهه درگاهه عبدالله شاهه غازي جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حواليڪيو ويو.عامر لياقت جي جنازي نماز سندس پٽ احمد عامر  پڙهائي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.عامر لياقت گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو، پوليس طرفان پوسٽ مارٽم تي زور ڀريو ويو، جنهن سبب تدفين ۾دير ٿي.پوسٽ مارٽم جي زور تي عامر لياقت جي گهرڀاتين جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت سان رابطو ڪيو هو، جنهن مختصر ٻڌڻي کان پوءِ پوليس سرجن کي حڪم ڏنو ته هو مڙهه جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪن، جنهن بعد پوسٽ مارٽم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه طرفان لاش جي معائني بعد مڙهه عامر لياقت جي پٽ احمد جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.هوڏانهن خدا داد ڪالوني تڏو وڇايو ويو، جتي عامر لياقت جي پونئيرن سان تعزيت جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.