اسپتالن جو ڪچرو واهن ۾اڇلائڻ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران اسپتالن ۽ صنعتن جو گند ڪچرو، رهائشي علائقن ۽ واهن ۾ اڇلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ۽ نوٽيس جاري ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويو آھي. ماحوليات واري وزير اسماعيل راھو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾هن چيو ته ڪراچي ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جي 110 هنڌن جي سروي ڪئي وئي آھي، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 250 رڪارڊ ڪيو ويو،جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي.اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حسن اقبال، ڊي جي سيپا نعيم مغل ۽ ٻيا آفيسر پڻ شريڪ ھيا. اسماعيل راھو چيو ته ماحوليات کاتي سنڌ پاران پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائڻ وارين صنعتن کي شوڪازنوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، شوڪاز بعد ٻئي مرحلي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائيندڙ صنعتن کي 30 ڏينهن بعد سيل ڪيو ويندو. ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو پاران آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪارروائي جي رپورٽ ھر مهيني پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته ڀلي ڪير ماڻهو ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، ماحولياتي آلودگي پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪراچي، حيدرآباد ۾ بيٽرين جا پراڻا ڪارخانا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا آھن. اسماعيل راھو چيو ته آفيسر روڊن تي گشت ڪن، دونھون نڪرندڙ گاڏيون خلاف ٽريفڪ پوليس جي سهڪار سان بند ڪيون وڃن، ڪچري کي ساڙڻ سان ڪيترائي ماحولياتي ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ڊي جي سيپا نعيم مغل بريفنگ ڏيندي چيو ته چيو ته سنڌ ۾ صنعتن ۾ 200 ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويا آهن ۽ 50 وڌيڪ لڳايا پيا وڃن، 10 هزار صنعتن مان 4000 ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويندا.

  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٻارڙيءَ سميت 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.هڪ  نوجوان جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو. رپورٽ موجب بلديا ٽائون نمبر 4 سيلاني ھوٽل لڳ  اشفاق مسجد ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 35 ورھين جو وقاص پٽ ارشد قتل ٿي ويو. هوڏانهن ملير سٽي ٿاڻي جي حد آسو ڳوٺ ۾ بروھي چوڪ وٽ نامعلوم جوابدارن ڇرين جا وار ڪري 10 سالن جي نينگري دعا ڌيءُ محمد اسلم کي قتل ڪري ڇڏيو. عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد انڊس چورنگي لڳ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ محمد سھيل پٽ محمد اسماعيل ۽ محمود علي پٽ بادشاھ علي زخمي ٿي پيا، جن کي ناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.ٻئي طرف نيو ڪراچي سيڪٽر J 5 طلحا مسجد ڀرسان گھر مان 30 سالن جي رياض الدين ولد شمس الدين جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.

  • عمران خان جو اتحادي آهيان غلام ناهيان:پرويز الاهي

لاهور  (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر  چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ملڪ جي سياست ۾ شيون  اسٽيبليشمنٽ کان سواءِ نه ٿيون هلي سگهن.پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته سياسي پارٽيون چونديون ته آهن ته اسٽيبليشمنٽ ڪم ۾ رخنو نه وجهي پر جيسيتائين هو سڀني کي گڏ نه ويهاريندا ته نيب چيئرمين ۽ اليڪشن ڪمشنر ڪيئن ۽ ڪير مقرر ڪندو.هن چيو ته عمران خان جو اتحادي آهيان غلام ناهيان جو غلط کي به سهي چوان، اسان واضح چئون ٿا ته اهو غلط آهي ان کي درست ڪيو، عمران خان 2018ع کان اڳ شوقيه سياست ڪري رهيو پر ٿوري مارجن ۽ اتحادين جي مدد سان هن وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي.چوڌري پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته ق ليگ ۾ ڪو اختلاف ناهي، اسان ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار نه پيا ڪيون ۽ نه ئي ڪيڏانهن وڃون پيا، جيڪو پارٽي فيصلو ڪندي، ايئن ئي ٿيندو، اسان پاڻ ۾ ويهي معاملا حل ڪري وٺنداسين.وزيراعظم تي تنقيد ڪندي هن چيو ته شهباز شريف چوندو هو ته آصف زرداري کي گهليندو، جڏهن ته هاڻي آصف زرداري ئي کيس اهڙي هنڌ تي آڻي بيهاريو آهي جو هو لاوارث ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.