گڏاپ ۾ڳوٺاڻي جي زمين تي قبضو، بااثرن گرفتار به ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) گڏاپ جي قديم ڳوٺ ڏيپار گوندر جي معزز دلمراد گوندر جي هڪ ايڪڙ زمين تي قبضا مافيا  هٿيارن جي زور  ۽ پوليس جي مدد سان قبضو ڪري ورتو متاثر دلمراد گوندر ۽ خريدار محمد قاسم ميمڻ عوامي  پريس ڪلب ملير پهچي ويا، جتي پريس ڪانفرنس ڪندي دلمراد گوندر چيو ته هن هڪ ايڪڙ زمين محمد قاسم کي وڪرو ڪئي ته  قبضاگير ٽولي 50  لک رپيا ڀتو گهريا نه ڏيڻ تي هنن حملو ڪري زمين تي قبضو ڪيو.هن چيو ته قبضاگيرن ڪوڙا ڪيس مڙهي بي گناهه گرفتار ڪرايو. هن چيو ته قبضاگير امير گل گوندر، يوسف، احمدگوندر، مور ۽ ٻين گڏاپ پوليس سان گڏجي انتقامي ڪاروائي جو سلسلو شروع ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن اپيل ڪئي ته منهنجي مدد ڪري قبضاگير ٽولي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.