لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي دُعا زهرا جي ساهرن کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي پسند جي شادي ڪندڙ نياڻي دُعا زهرا جي  ساهرن ۽ ٻين کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ دُعا زهرا ۽ ٻين ساهرن جي درخواست تي شنوائي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پوليس عدالتي حڪم تي دُعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس اختيارين دُعا زهرا جي بازيابي جي رپورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا حڪم عدالت ۾ پيش ڪيا. عدالت دستاويزن جو جائزو ورتو ۽ پوليس کي دُعا زهرا جي سسُ ۽ ٻين ساهرن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  • پي ٽي آءِ مظاهرين وٽ هٿيار هئا، آءِ جي اسلام آباد رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد:  (م ڊ)  آءِ جي اسلام آباد پي ٽي  آءِ ڌرڻي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد انتظاميه کي 23 مئي تي سرينگر هاءِ وي تي احتجاج جي درخواست ڏني وئي، اسلام آباد انتظاميه سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي جيئن جو تيئن عمل ڪندي نه صرف پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ جڳهه فراهم ڪئي بلڪ جلسي گاهه جي سيڪيورٽيءَ جو مناسب بندوبست ڪيو. انتظاميه سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ريڊ زون ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي کي مظاهرين خلاف ايڪشن کان روڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي واضح هدايت باوجود 25 مئي شام جو مظاهرو ڪندڙن جو هڪ گروپ ڊي چؤڪ وڌڻ شروع ٿي ويو، مظاهري جي قيادت ڪندڙن طرفان رڪاوٽون هٽائڻ ۽ پوليس سان مزاحمت جي ترغيب ڏني وئي. مظاهرين هٿيارن سان هئا، جن پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ پڻ ڪيو ۽ پوليس تي گاڏيون پڻ چڙهايون. مظاهرين طرفان ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ ڳرين مشينن جو استعمال ڪيو ويو. مظاهرين طرفان وڻن کي ساڙيو ويو. عمران اسماعيل، سيف الله نيازي، زرتاج گل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ 2 هزار مظاهرو ڪندڙ رڪاوٽون هٽائيندي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. مظاهرين کي هٽائڻ لاءِ پوليس ڳوڙها گيس جو استعمال ڪيو. مظاهرين پارٽي قيادت تحت منظم انداز ۾ ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. ڊي چؤڪ پهچڻ لاءِ فواد چوڌري، سيف الله نيازي، زرتاج گل ڪارڪنن کي اُڪسايو. سوشل ميڊيا بيانن ۾ ڪارڪنن کي عمران خان جي استقبال لاءِ ريڊ زون پهچڻ جو چيو ويو، انتظاميه طرفان سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي اعلان ڪيا ويا ته مظاهرين ريڊ زون کان پري آهن، مظاهرين طرفان ريڊ زون ۾ داخلا جي ڪوششن کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا. مظاهرو ڪندڙن طرفان پٿراءُ سبب 23 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس طرفان طاقت جي استعمال کان هر حد تائين پاسو ڪيو ويو. خدشو وڌڻ تي آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو، ڪل 2 کان 3 سؤ مظاهرو ڪندڙن ڪنٽينر هٽائي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. مظاهرو ڪندڙن کي جي نائين ۽ ايڇ نائين وچ ۾ واقع جلسي گاهه پهچڻ لاءِ ڪابه رڪاوٽ نه هئي. مظاهرو ڪندڙن ڊي چؤڪ ويندڙ رستن کي عبور ڪري ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. مظاهرو ڪندرن ۾ ڪوبه مخصوص ڪيل جلسي گاهه نه پهتو. پوليس 77 ماڻهن کي مختلف 19 ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.