ڪراچي جا واپاري مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ تي راضي

ڪراچي  (رپورٽر) ڪراچي جي واپاري برادري ملڪ جي اندر جاري توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ قومي جذبي تحت مارڪيٽون رات  جو 8 وڳي بند ڪرڻ تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو جنهن تحت ڪراچي جون مارڪيٽون رات جو 8 وڳي، شادي هالز 10 وڳي ۽ ريسٽورنٽس 11 وڳي بند ڪيا ويندا. ان حوالي سان گذريل ڏينهن ڪراچي جي ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ جي آفيس ۾ حڪومت جي نمائندن ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن وچ ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن بعد ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لاءِ کنيل اپائن تحت وفاقي حڪومت جي فيصلي جي روشني ۾ دڪان ۽ مارڪيٽون رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ واري فيصلي جو اعلان ڪيو. فيصلي موجب شادي هال 10 وڳي ۽ ريسٽورنٽس رات جو 11 وڳي بند ڪيا ويندا. ڪمشنر ڪراچي چيو ته توانائي جي بچت لاءِ کنيل اپائن تحت تجارتي ۽ ڪاروباري تنظيمن سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، واپارين تنظيمن جي اڪثريت حڪومت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو آهي. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ انتظاميه سان گڏ واپارين تنظيمن جو رابطو مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن هڪٻئي سان تعاون ڪري فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.