ڪراچي ۾ اڄ ”عورت مهانگائي مارچ “ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي عورت ونگ پاران ملڪ ۾ مهانگائي خلاف اڄ ”عورت مهانگائي مارچ “ ڪيو  ويندو. ان حوالي سان پي ٽي آءِ ڪراچي عورت ونگ جو مارچ جي حوالي سان انصاف هائوس ڪراچي ۾ اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ صائمه نديم، غزاله سيفي، دعا ڀٽو، اديبه حسن، فضا ذيشان، ارم بٽ، صنوبر فرحان، شازيه جعفراڻي، راشا طارق ۽ ٻين عورت اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عورت مهانگائي مارچ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي. اجلاس ۾ طارق روڊ لبرٽي چوڪ تي شام جو 5 وڳي پرامن احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي عورت اڳواڻن جو چوڻ هو ته امپورٽڊ حڪومت جي عوام دشمن بجيٽ عوام کي مهانگائي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. پئٽرول، اٽي، کنڊ سميت هر شيءِ عوام جي پهچ کان پري ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ڪراچي جي عورتن کي مهانگائي خلاف روڊن تي نڪرڻ جي درخواست ڪريون ٿا. عورت اڳواڻن چيو ته پنهنجي حق لاءِ ڳالهائڻ ۽ ظالم حڪمرانن سان ويڙهه ڪرڻ جهاد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.