پ پ ۽ متحده جي توانائي هڪ، پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ڪير خدمت نه ٿو ڪري سگهي

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي توانائي هڪ آهي، سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. يونيسيف جي ماتحت ايم آءِ سي ايس MICS سروي ۾ فوتي ٻارن جي شرح ۾ گهٽتائي سنڌ حڪومت جي ڪوششن جو ثبوت آهي، سنڌ جي سمورين اسپتالن کي ٽيلي ميڊيسن سسٽم سان ڳنڍيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي تي سنڌ جي عوام جو اعتماد آهي ۽ ٻي ڪا پارٽي اهڙي ريت خدمت نه پئي ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول اسپتال ڪراچي جي دوري دوران چائلڊ لائيف فائونڊيشن پاران   ڪيل پروگرام ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.   سنڌ جي وڏي وزير ٽيلي ميڊيسن ذريعي هڪ لک مريضن جي صحتيابيءَ تي سول اسپتال ڪراچي جو دورو ڪيو جتي چائلڊ لائيف فائونڊيشن پاران هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سول اسپتال ۾ ٽيلي ميڊيسن ۽ ٻارن جي ايمرجنسي وارڊن جو معائنو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ٽيلي ميڊيسن سينٽر ڪراچي ۾ شهيد بينظير آباد اسپتال جي مريضن ۽ ايسپلسٽ ڊاڪٽرن سان لائيو ڳالهايو، جتي صوبي جون مختلف اسپتالون ڪراچي جي مرڪز ۾ موجود ڊاڪٽرن کان صلاح مشورا وٺن ٿيون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اها سهولت رڳو ٻارن لاءِ آهي، جيڪا چائلڊ لائيف فائونڊيشن پاران قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته يونيسيف جي ماتحت MICS سروي (2021) سنڌ ۾ ٻارڙن جي موت جي حوالي سان هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ طبي سهولتن جي فراهمي سان ٻارڙن جي فوتگي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. اهو پڻ ڄاڻايو ويو ته اڳ 1000 ٻارن ۾ 104 ٻار فوت ٿيندا هئا هاڻي اهو انگ گهٽجي 40 ٿي ويو آهي. 2018 ۾ The Economist Intelligence Unit سنڌ کي ايشيا ۾ ڇهين نمبر تي وڏي پارٽنر قرار ڏنو، ٻارن جي ايمرجنسي شعبي جي سنڀال کي بهتر بڻائڻ لاءِ چائلڊ لائف سان ڀائيواري 2010 ۾ ٿي ۽ 2018 ۾ ڪراچي اندر 24 ڪلاڪ مفت ايمرجنسي سروس فراهم ڪئي وئي ته جيئن هر ٻار 30 منٽن کان وڌيڪ پري نه هجي.  2019 ۾ سنڌ جي اسپتالن ۾ 9 اي آرز (ڪراچي، حيدرآباد، بينظير آباد، لاڙڪاڻو، سکر) قائم ڪيا ويا. اهو ٻڌايو ويو ته اٽڪل 900000 ٻارن جو هر سال علاج ڪيو ويندو آهي. ٽيلي ميڊيسن سيٽلائيٽ سينٽرز DHQs/THQs ۾ خدمت بهتر ٿي، آبادي جو 2/3 حصو وڏن شهرن کان ٻاهر رهي ٿو. 2020ع ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن تائين صحت جون سهولتون ڏنيون وينديون.   2022ع ۾ سمورن تعلقه هيلٿ سينٽرن کي وڌايو ويو جڏهن ته 2024ع تائين سنڌ جي سمورن تعلقن تائين صحت جي سهولتن پهچي وينديون ۽ اها سهولت عوام کي 24 ڪلاڪ دستياب هوندي. ٽيلي ميڊيسن ذريعي 100,000 ٻارن جي صحتيابي کانپوءِ مون کي اڄ هتي گهرايو  ويو آهي جتي چائلڊ ڪيئر ايمرجنسي روم ۽ ٽيلي ميڊيسن ڪنٽرول روم جو معائنو ڪيو. ڊاڪٽرن مون کي شڪارپور، مٺي ۽ ميرپورخاص ۾ ٻارن جي علاج بابت لائيو وڊيو ڪانفرنس ڏيکاري.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته  هن وقت اسان صوبي جي 70 اسپتالن کي ان سسٽم سان ڳنڍيو آهي ۽ هلندڙ سال جي آخر تائين تعلقي جون سموريون اسپتالون ان سسٽم سان ڳنڍجي وينديون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان وٽ فنڊن جي ڪابه کوٽ ناهي ۽ نه ئي اسپتالون جي، پر وڏو مسئلو ڊاڪٽرن ۽ اسپيشلسٽن جي مقرري جو آهي، تنهنڪري هاڻي تقريبن سمورن صوبن ۾ فائبر آپٽڪس لڳايو پيو وڃي، انهن سمورن سينٽرن ۾ هاءِ ڊيفينيشن ڪيمرا، مانيٽرنگ سسٽم، ڊاڪٽر، نرسون ۽ اسٽاف موجود آهن ۽ سٺي ڳالهه آهي ته ان سسٽم ذريعي اسان جا مقامي ڊاڪٽر پڻ تربيت وٺي رهيا آهن.. سنڌ جي بجيٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بجيٽ 14 جون تي پيش ڪئي ويندي ۽ عام چونڊن کان اڳ هي اسان جي آخري بجيٽ هوندي، ايندڙ بجيٽ اسان ئي پيش ڪنداسين پر ان تي عملدرآمد اليڪشن کٽڻ کانپوءِ حڪومت ۾ انيدڙ پيپلز پارٽي ڪندي ۽ اسان جي پهرين ترجيح صحت جو شعبو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مڊل ڪلاس هاڻي پرائيويٽ اسپتالن بدران پنهنجن ٻارن کي هتي آڻڻ کي ترجيح ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته اهي خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ اسان دوائون مفت ڏئي رهيا آهيون.  سنڌ جي وڏي وزير گذريل ڏينهن معاشي سروي پيش ٿيڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت کي نشانو بڻائيندي چيو ته پي ٽي آئي جو بيان ته سمورا ٽارگيٽ حاصل ڪيا ويا، اهو سڀ ڪوڙ آهي. هن چيو ته بجيٽ 22-2021 کي اليڪشن جو بجيٽ چيو ويو ۽ ان سان جيڪا تباهي آئي آهي اها سڀني جي سامهون آهي. وڏي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ خبر پئي ته صوبائي ترقياتي بجيٽ 900 ارب مان گهٽائي 500 ارب ڪئي وئي آهي.هن پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارڪردگي کي هڪ مريض سان ڀيٽيندي چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي ته معيشت هنڌ ڀيڙي هئي. هن چيو ملڪ جا وسيلا 18 ارب مان گهٽجي 8 ارب تائين پهچي ويا آهن، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪٿان کان ڪٿي پڄي ويو آهي ۽ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. غريبن کان پڇيو وڃي ته ڇا اسان ٽارگيٽ حاصل ڪيا آهن؟ هن چيو ته اسان هن وقت ڏکي صورتحال ۾ آهيون ۽ ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. توانائي بحران بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم هڪ اجلاس ۾ چيو ته بجلي جي بچت لاءِ ٻه کان ٽي ڪلاڪ دڪانن کي اڳ ۾ بند ڪرڻ گهرجي جنهن سان بجلي جي بچت ٿي سگهي ٿي ته ان بابت مون پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته هوءَ اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ڪن ۽ اميد آهي ته ڪو رستو نڪرندو.ايم ڪيو ايم بابت وڏي وزير چيو ته انشاءَ الله ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي توانائي هڪ آهي ۽ اسان صوبي جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.