پرويز مشرف وينٽيليٽر تي ناهي:خانداني ذريعا

دبئي (م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي طبيعت بابت خانداني ذريعن جو بيان سامهون اچي ويو.خانداني ذريعن موجب پرويز مشرف کي گذريل هفتي طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.هو وينٽيليٽر تي ناهي پر  مشڪل ترين مرحلي مان گذري رهيو آهي.گهر ڀاتين پرويز مشرف لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي آهي.ياد رهي ته اڳوڻو صدر ڊگھي عرصي کان دبئي ۾ ترسيل آهي، ڪالهه پاڪستان ۾ سندس لاڏاڻي جا افواهه پکڙجي ويا، جنهن تي سندس چاهيندڙ پريشان ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.