ڪرنسي نوٽن جي تبديليءَ بابت تاريخ ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرنسي نوٽن جي تبديلي بابت تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بئنڪ موجب 10، 50، 100 ۽ 1000 رپين جا پراڻا نوٽ تبديل ڪرڻ جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي، عوام پراڻا نوٽ اسٽيٽ بئنڪ آفيس اچي تبديل ڪرائي سگهن ٿا.جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ مارڪيٽ مان پراڻن ۽ ناڪارا نوٽن کي  گڏ ڪري ٿو ۽ انهن جي جاءِ تي نوان نوٽ فراهم ڪري ٿو.بيان موجب نئين سيريز جاري ڪري پراڻي ڊيزائن جي نوٽن کي ختم ڪرڻ سان مرڪزي بينڪن کي ٺڪي کان بچائڻ ۽ گردش ۾ بينڪ نوٽن جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.