جناح اسپتال ۾ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب مريض سوڌو 2 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) جناح اسپتال جو ميڊيڪل وارڊ نمبر 5 انتهائي زبون حال ٿي ويو آهي، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب هڪ مريض ۽ مريض سان گڏ آيل شهري زخمي ٿي پيا آهن.ڪراچي جي سڀ کان وڏي اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ جي حالت خراب هجڻ سبب ڊاڪٽر توڙي عملو پريشان رهي ٿو، اڄ وارڊ جي بيڊ نمبر 30 تي داخل مريض مٿان ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ مريض ۽ سندس وارث زخمي ٿي پيا.مريضن ۽ اسپتال عملي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته وارڊ جي مرمت ڪرائي وڃي .خبرون هلائي کان پوءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي هن مرمت شروع ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.