ن ليگ اڳوڻن خلاف ڪيسن ۾ اهم شاهد قتل ٿي ويا:حماد اظهر

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر الزام هنيو آهي ته ن ليگ اڳواڻن خلاف ڪيس ۾ اهم شاهدن کي قتل ڪرايو پيو وڃي ۽ رڪارڊ ساڙيو پيو وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته  شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ جي اهم ڪردار مقصود چپراسي جو دبئي ۾ موت قتل آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ن ليگ اڳواڻن خلاف ڪيس ۾ اهم شاهدن کي قتل ڪرايو پيو وڃي ۽ ڪيس پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته ملڪ کي پوليس اسٽيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، مهانگائي مارچ ڪندڙ پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.